Listing 5000+ Islamic books in more than 30 languages. Read online or download in PDF.
ته ارشاد فرمايو: تون سفينه (جهاز) آهين۔ ان ڏينهن جيڪڏهن مان هڪ، ٻه، ٽي، چار، پنج، ڇهه، ست اُٺن جو بار به کڻان ها ته مون تي ڳرو نه ٿئي ها۔ جڏهن پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ کان سندن نالو پڇيو ويندو هو ته چوندا هئا: مان بالڪل نه ٻڌائيندس، منهنجي آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم منهنجو لقب سفينه رکيو آهي۔
(مسند امام احمد ج 8 ص 215 حديث: 21984-21987 ملخصا)
صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب! صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد
نالي کان سواءِ ڪنهن ٻئي لفظ سان ڪنهن کي پُڪارڻ لقب چئبو آهي۔ جنهن ۾ تعريف ۽ برائي جي ڪا خاص معنيٰ هجي۔ (التعريفات للجرجاني ص 136) اهو عام طور تي اهل محبت يا دشمنن جي طرفان ڏنو ويندو آهي، پاڻ ناهي رکيو ويندو۔
مختلف بزرگان دين رَحِمَهُمُ الـلّٰـهُ الْـمُبین جا لقب انهيءَ ڪتاب جي صفحي 166 تي موجود آهن۔
صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب! صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد
شاعر جو انهئ مختصر نالي کي تخلُّص چئبو آهي جيڪو شعرن ۾ استعمال ٿيندو آهي، هي عام طور تي ڪلام جي آخري شعر ۾ ايندو آهي۔
| امامِ اهلسنّت مولانا شاه امام احمد رضا خان عَـلَيْهِ رَحْمَةُ الـرَّحْمٰن | رَضا |
|
استاذِ زَمَن حضرت مولانا حسن رضا خان عَـلَيْهِ رَحْمَةُ الـرَّحْمٰن |
حَسَن |
BOOK TOPIC
BOOK TOPIC