Listing 5000+ Islamic books in more than 30 languages. Read online or download in PDF.
3 ص 399 حديث 1998) * حضرت سيدنا جابِر رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ کي يا جُوَيۡبَر (جمع الجوامع ج 14 ص 208 حديث 10189) ۽ يا جُبَير (جمع الجوامع ج 14 ص 209 حديث 10200) * حضرت سيدنا مقدام رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ کي يا قُدَيم (ابي داوٗد ج 3 ص 183 حديث: 2933) * حضرت سيدتنا عائشه صدّيقه رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهَا کي يا عائِش (بخاري ج 2 ص 551 حديث: 3768) ۽ شُقَيۡراء (گهڻي ڀوري رنگ واري) (جمع الجوامع ج 3 ص 135 حديث: 7823) ۽ حُمَيراء (ڳاڙهي رنگ واري) (الطبقات ابن سعد ج 8 ص 63-64 حديث: 4128) ۽ يا عُوَيش! (جمع الجوامع ج 5 ص 445 حديث: 16380) * حضرت سيدنا زينب بنت امِّ سلمه رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهَا کي يا زُوَيۡنَب (جمع الجوامع ج 5 ص 489 حديث: 16835) چئي ڪري سڏيندا هئا۔
مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! هي ذهن ۾ رهي ته اسان کي انهيءَ سلسلي ۾ ڏاڍي احتياط جي ضرورت آهي جو ڪٿي اهو نالو جنهن کي اسان محبت ڀريو سمجهي رهيا آهيون۔ اڳئين کي پسند نه هجي پر اهو ادب ۽ مروّت جي ڪري ڪجهه چوڻ جي همت نه رکندو هجي ۽ گھڻو ڪري اسان جو انداز دل آزاري جو به سبب بڻجي سگهي ٿو تنهن ڪري احتياط جو دامن هٿ مان ڇڏڻ نه گهرجي۔
صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب! صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد
حضرت سيِّدُنا سفينه رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ بيان ڪن ٿا: مان هڪ سفر ۾ حضور انور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سان گڏ هئس۔ صحابه ڪرام رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُم مان جڏهن ڪو ٿڪجندو هو پنهنجي تلوار، ڍال ۽ تير مون تي رکي ڇڏيندو هيو ايستائين جو مون تي گھڻو سامان گڏ ٿي ويو۔ سرڪارِ مدينه صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم مون کي ڏٺو
BOOK TOPIC
BOOK TOPIC