Listing 5000+ Islamic books in more than 30 languages. Read online or download in PDF.
سچ آهي پر هر سچ حق ناهي) (فتاوٰي رضويه ج 23 ص 204) تنهنڪري جنهن جو جيڪو نالو هجي ان کي ان نالي سان سڏڻ گھرجي، پنهنجي طرفان ڪنهن جو ابتو سُبتو نالو مثلًا ڊگهو، ٺينگو، ڪالو وغيره نه رکيو وڃي، عام طور تي اهڙا نالا وٺڻ سان دل آزاري ٿيندي آهي ۽ اهو ان کان چِڙندو به آهي۔ پر سڏڻ وارو ڄاڻي واڻي هر هر مزو وٺڻ لاءِ ان کي ان نالي سان پڪاريندو آهي، ائين ڪرڻ وارن کي سنڀلجڻ گھرجي ڇوته ربّ تعالٰي فرمائي ٿو:
| وَ لَا تَنَابَزُوۡا بِالۡاَلۡقَابِ ؕبِئۡسَ الِاسۡمُ الۡفُسُوۡقُ بَعۡدَ الۡاِیۡمَانِ ۚ(پ 26 الحجرات 11) | ترجموڪنزالايمان: ۽ هڪ ٻئي جا خراب نالا نه رکو، ڪهڙو نه برو نالو آهي مسلمان ٿي ڪري فاسق چورائڻ۔ |
صَدۡرالاَفاضِل حضرت علامه مولانا سيِّد محمد نعيمُ الدّين مراد آبادي عَلَیۡهِ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ الۡھَادِی انهيءَ آيت جي تحت لکن ٿا: (يعني اهي نالا) جيڪي انهن کي ناگوار لڳن۔ حضرت سيدنا ابن عبّاس رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُمَا جن فرمايو: جيڪڏهن ڪنهن ماڻهو ڪنهن برائي کان توبھ ڪئي هجي ان کي توبھ کان پوءِ ان برائي کان عار ڏيارڻ به ان نَهي (يعني ممانعت جي حڪم) ۾ داخل ۽ ممنوع آهي۔ ڪن عالمن فرمايو ته ڪنهن مسلمان کي ڪتو يا گڏھ يا سوئر چوڻ به ان ۾ داخل آهي، ڪن عالمن فرمايو ته ان مان اهي لقب مراد آهن جن مان مسلمانن جي برائي ٿيندي هجي ۽ ان کي ناپسند لڳي پر تعريف جا لقب جيڪي سچا هجن ممنوع ناهن، جيئن حضرت ابوبڪر جو لقب عَتِيق (يعني جهنم کان آزاد) ۽ حضرت عمر جو فاروق (حق ۽ باطل ۾ فرق ڪرڻ وارو) ۽ حضرت عثمان غني جو ذوالنُورين (يعني ٻن نورن وارو) حضرت علي جو ابوتُراب (يعني مٽي وارو)
BOOK TOPIC
BOOK TOPIC