Listing 5000+ Islamic books in more than 30 languages. Read online or download in PDF.
نالي رکڻ جي لاءِ غور و فڪر شروع ٿي ويندو آهي، انهيءَ دؤران پيءُ کي گھرجي ته پنهنجي پٽ جو سٺو نالو رکي جو اهو ان جي طرفان پنهنجي ٻار جي لاءِ پهريون ۽ بنيادي تحفو هوندو آهي۔ جنهن کي ٻار سڄي عمر سيني سان لڳائي رکندو آهي۔ سرڪارِ مدينه، راحتِ قلب وسينه صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو: اَوَّلُ مَا یُنْحِلُ الرَّجُلُ وَلَدَہٗ اِسْمُہٗ فَلْیُحْسِنْ اِسْمَہٗ يعني ماڻهو سڀ کان پهريون تحفو پنهنجي ٻار کي نالي جو ڏيندو آهي ان ڪري گھرجي ته ان جو سٺو نالو رکي۔ (جمع الجوامع ج 3 ص 285 حديث: 8875)
مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ڪنهن جي گھر ٻار پيدا ٿيندو آهي ته مبارڪ ڏيڻ کان پوءِ والدين کان عام طور تي اهوئي سوال ٿيندو آهي ته نالو ڪهڙو رکيو؟ گھڻو ڪري ٻار جو والد پنهنجي دوست احباب ۽ رشتيدارن کان اهو پڇندو رهندو آهي ته نالو ڪهڙو رکون؟
نالو ڪهڙو هئڻ گهرجي؟ نالو ڪير رکي؟ ڪهڙو نالو رکڻ افضل آهي؟ ڪهڙو نالو رکڻ ناجائز آهي؟ ڪنهن جو نالو بگاڙڻ ڪيئن آهي؟ ڪُنيَت ڇا کي چوندا آهن؟ ڪُنيَت رکڻ جي ڪهڙي اهميّت آهي؟ لقب ڇا آهي؟ هن ڪتاب ”نالي رکڻ جا احڪام“ (جنهن جو نالو شيخِ طريقت، اميرِ اهلسنّت، باني دعوتِ اسلامي، حضرت علّامه مولانا ابوبلال محمد الياس عطّار قادري رضوي ضيائي دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـه جن عطا فرمايو آهي) هن ڪتاب ۾ اهڙي نوعيت جي معلومات فراهم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي۔ ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي نالن رکڻ جي لاءِ 538 سٺن نالن جي فهرست به شامل آهي۔ هن ڪتاب کي سٺي نموني سمجهي گھٽ ۾
BOOK TOPIC
BOOK TOPIC