Listing 5000+ Islamic books in more than 30 languages. Read online or download in PDF.
هئا۔ حضرت ابوالحسين نُوري عَـلَيْهِ رَحْـمَةُ الـلّٰـهِ الۡـقَـوِی کين پٽ جي ولادت جي مبارڪباد ڏني ۽ فرمايائون: اوهان بريلي وڃو ۽ ”ابوالبرڪات محي الدين جيلاني“ نالو تجويز فرمايو۔ ٿورن ڏينهن کان پوءِ حضرت نوري عَـلَيْهِ رَحْـمَةُ الـلّٰـهِ الۡـقَـوِی بريلي تشريف فرما ٿيا ته شهزادهءِ اعلٰي حضرت کي آغوشِ نوري ۾ وڌو ويو۔ پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه پنهنجي آڱر مبارڪ مصطفٰي رضا خان رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي وات ۾ رکي قادري ۽ برڪاتي برڪتن سان اهڙو ته مالامال ڪيو جو اهي ئي شهزاده وڏا ٿي مفتي اعظم هند بڻيا۔ (تاريخ مشائخ قادريه ج 2 ص 447 ملخصا) حضرت مفتي اعظم هند جو پيدائشي ۽ اصلي نالو محمد آهي۔ والد ماجد اعلٰي حضرت امام احمد رضا خان عَـلَيْهِ رَحْمَةُ الـرَّحْمٰن عُرفي نالو مصطفٰي رضا رکيو، اهو عُرفي نالو ايتري قدر مشهور ٿيو جو خاص و عام ۾ پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه کي ان نالي سان ياد ڪيو ويندو آهي۔ (جهانِ مفتي اعظم ص 102)
صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب! صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد
منهنجا آقا اعلٰي حضرت، امام اهلسنت، مُجَدّد دين و ملت مولانا شاهه امام احمد رضا خان عَلَيْهِ رَحْمَةُ الرَّحْمٰن فتاوٰي رضويه جلد 23 صفحي 204 تي لکن ٿا: ڪنهن مسلمان بلڪه ڪافر ذِمِي[1] کي به بنا حاجت شرعيه اهڙن لفظن سان سڏڻ يا تعبير ڪرڻ جنهن سان ان جي دل آزاري ٿئي ۽ انکي ايذاءُ پهچي اهو شرعًا ناجائز ۽ حرام آهي، جيتوڻيڪ في نفسه سچي هجي فانْ كُلَّ حَقٍّ صِدْقٌ وَلَيْسَ كُلُّ صِدْقٍ حَقًا (هر حق
BOOK TOPIC
BOOK TOPIC