You Can Also Visit Our Countries Website:
History

Exact Search

Listing 5000+ Islamic books in more than 30 languages. Read online or download in PDF.

Naam Rakhnay kay Ahkam | نالي رکڻ جا احڪام

book_icon
نالي رکڻ جا احڪام

ويو، انهئ دؤران حضرت سيِّدُنا مُسرِع جي ولادت ٿي، ان جي والده ٻار کي نبي ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن جي خدمت ۾ کڻي آيون ۽ عرض ڪيائون: يارسول الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! مون کي پٽ پيدا ٿيو آهي ۽ ان جا والد لشڪر سان گڏ آهن، پاڻ سڳورا   صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم انهن جو نالو رکن، حضور اقدس صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ٻار کي کنيو، ان تي هٿ ڦيريائون ۽ دعا ڏنائون: اي الله! انهن جي مَردن کي ڪثرت عطا فرما، انهن جي گناهن کي گهٽ ڪر، انهن کي ڪنهن جو محتاج نه ڪر، پوءِ ارشاد فرمايائون: اسان انهن جو نالو مُسرِع (يعني جلدي ڪرڻ وارو) رکيو آهي انهن اسلام ۾ جلدي ڪئي آهي۔   

    (اسد الغابة ج 5 ص 164 رقم: 4861 و الاصابة ج 6 ص 501 رقم: 9231)

(6) ”يحٰي“ نالو رکيائون

     حضرت سيِّدُنا يحيٰ بن خلّاد رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جي ولادت سرڪارِ مدينه صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن جي دؤر ۾ ٿي۔ نبي اڪرم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن جي خدمت ۾ آندا ويا، پاڻ سڳورن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کجور چٻاڙي سُتي ڏنائون ۽ فرمايائون: اسان ان جو اهو نالو رکنداسين جيڪو حضرت يحيٰ بن زڪريا (عَـلَـيْهمَا السَّلَام) کان پوءِ ڪنهن جو ناهي رکيو ويو، پوءِ پاڻ سڳورن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن انهن جو نالو يحٰي رکيو۔ (اسد الغابة ج 5 ص 486 رقم: 5505)

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                          صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

حضرت سيِّدُنا يحيٰ عَـلَيْـهِ الـسَّـلام جو نالو ڪنهن رکيو؟

     الله عَزَّوَجَلَّ قبلهءِ اوّل ۾ دعا ڪرڻ واري عظيم القدر پيرسن پيغمبر

 

 

BOOK TOPIC

BOOK TOPIC

Sirat-ul-Jinan

SIRAT UL JINAN

MOBILE APPLICATION

Marfatul Quran

MARIFATUL QURAN

MOBILE APPLICATION

Faizan-e-Hadees

FAIZAN-E-HADEES

MOBILE APPLICATION

Prayer Time

PRAYER TIME

MOBILE APPLICATION

Read and Listen

READ AND LISTEN

MOBILE APPLICATION

Islamic EBooks

ISLAMIC EBOOKS

MOBILE APPLICATION

Naat Collection

NAAT COLLECTION

MOBILE APPLICATION

Bahar-e-Shariyat

BAHAR E SHARIYAT

MOBILE APPLICATION