You Can Also Visit Our Countries Website:
History

Exact Search

Listing 5000+ Islamic books in more than 30 languages. Read online or download in PDF.

Naam Rakhnay kay Ahkam | نالي رکڻ جا احڪام

book_icon
نالي رکڻ جا احڪام

دعا ڪندا هئا ۽ تحنيڪ (يعني سُتّي) ڏيندا هئا۔ (مسلم ص 1184 حديث 2147) اهڙيون ٻيون به روايتون ملاحظه فرمايو۔

(1) ٻار جو نالو ”عبدالله“ رکيو

      حضرت سيِّدُنا اَنس بن مالڪ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ بيان ڪن ٿا، جڏهن ابوطلحه انصاري رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جو پٽ عبدُالله (رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ) پيدا ٿيو ته مان انهن کي کڻي خاتم المُرسلين، رحمةٌ للعٰلمين صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن جي خدمت ۾ حاضر ٿيس، ان وقت پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم چادر ويڙهيو پنهنجي اُٺ کي تيل هڻي رهيا هئا۔ پاڻ سڳورن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو: ڇا تو وٽ کجورون آهن؟ مون عرض ڪيو: جي ها! پوءِ مون ڪجهه کجورون ڪڍي بارگاھ رسالت ۾ پيش ڪيون۔ پاڻ سڳورن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم اهي کجورون پنهنجي وات مبارڪ ۾ وجهي چٻاڙي ٻار جي وات ۾ وڌيون، اهو ٻار ان کي چوسڻ لڳو، پوءِ رسول الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو: ”انصار کي کجورن سان محبت آهي۔“ ۽ ان ٻار جو نالو عبدُالله رکيائون۔ (مسلم ص 1183 حديث: 2144)

(2) ”ابراهيم“ نالو رکيائون

          حضرت سيِّدُنا ابوموسٰي اَشعري رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ بيان ڪن ٿا ته منهنجو پٽ پيدا ٿيو، مان ان کي کڻي الله عَزَّوَجَلّ  جي محبوب، داناءِ غيوب، منزهٌ عن العيوب صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن جي بارگاھ ۾ حاضر ٿيس، پاڻ ڪريمن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ان جو نالو ”ابراهيم“ رکيو ۽ ان کي کجور جي سُتّي ڏني۔               

 (مسلم ص 1184 حديث: 2145)

              

 

BOOK TOPIC

BOOK TOPIC

Sirat-ul-Jinan

SIRAT UL JINAN

MOBILE APPLICATION

Marfatul Quran

MARIFATUL QURAN

MOBILE APPLICATION

Faizan-e-Hadees

FAIZAN-E-HADEES

MOBILE APPLICATION

Prayer Time

PRAYER TIME

MOBILE APPLICATION

Read and Listen

READ AND LISTEN

MOBILE APPLICATION

Islamic EBooks

ISLAMIC EBOOKS

MOBILE APPLICATION

Naat Collection

NAAT COLLECTION

MOBILE APPLICATION

Bahar-e-Shariyat

BAHAR E SHARIYAT

MOBILE APPLICATION