Listing 5000+ Islamic books in more than 30 languages. Read online or download in PDF.
حضرت سيِّدُنا ابوعبيده عبدالقَيُّوم اَزۡدِي رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ پنهنجي آقا ابوراشد رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ سان بنواَزۡد جي وفد سان گڏ نبي ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي خدمت ۾ آيا، بيچين دلين جي چين، رحمت دارين صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ابوراشد کان پڇيو: تنهنجو نالو ڇا آهي؟ عرض ڪيائين: عبدالعُزيٰ ابومُغويه۔ پاڻ ڪريمن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو: تون ”عبدالرحمٰن ابوراشد“ آهين۔ پوءِ ارشاد فرمايائون: اهو توهان سان ڪير آهي؟ عرض ڪيائين: منهنجو غلام۔ فرمايائون: ان جو نالو ڇا آهي؟ عرض ڪيائين: قَيُّوم (هميشه قائم رهڻ وارو)۔ ارشاد فرمايائون: اهو عبدالقَيُّوم (هميشه قائم رهڻ واري جو ٻانهو) آهي۔ (اسد الغابة ج 3 ص 525 رقم: 3421)
مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! بُزرگان دين کان ٻارن جو نالو رکرائڻ خير و برڪت جو باعث آهي، دور رسالت ۾ صحابه ڪرام عَـلَيْهِمُ الرِّضْوَان جو معمول هوندو هو ته جڏهن انهن جي گھر ٻار پيدا ٿيندو هو ته ان کي سرڪارِ مدينه، قرار قلب و سينه صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن جي بارگاھ ۾ کڻي ايندا هئا، پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن ان جي لاءِ دعا ڪندا هئا، نالو رکندا هئا ۽ ڪڏهن ڪڏهن سُتّي به ڏيندا هئا، جيئن اُمُّ المُؤمنين حضرت سيِّدتُنا عائشه صديقه رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهَا کان روايت آهي ته ماڻهو پنهنجي ٻارن کي تاجدار رسالت، شهنشاھِ نبوّت صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن جي بارگاھ اقدس ۾ کڻي ايندا هئا پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم انهن جي لاءِ خير و برڪت جي
BOOK TOPIC
BOOK TOPIC