Listing 5000+ Islamic books in more than 30 languages. Read online or download in PDF.
سوال: عبدُالقادِر، عبدالقدير، عبدالرَّزَّاق وغيره نالي وارن ماڻهن کي قادِر، قدير ۽ رزّاق چئي پڪارڻ ڪيئن آهي؟
جواب: اهڙي قسم جي هڪ سوال جو جواب ڏيندي شهزادهءَ اعلٰي حضرت حُضور مفتئ اعظم هند مولانا محمد مصطفٰي رضا خان عَـلَيْهِ رَحْـمَةُ الْـمَنَّان فرمائن ٿا: اهڙن نالن مان لفظ عبد جو حَذۡف (يعني الڳ ڪرڻ) تمام برو آهي ۽ ڪڏهن ناجائز و گناھ ٿيندو آهي ۽ ڪڏهن سرحدِ ڪفر تائين به پهچندو آهي۔ قادِر جو اِطلاق ته غير تي جائز آهي۔ ان صورت ۾ عبدُالقادر کي قادِر سڏڻ برو آهي پر قدير جو اطلاق غير خدا تي ناجائز۔ ڪما في البيضاوي (جيئن بيضاوي ۾ آهي) ۽ جيڪڏهن ڪنهن جو نالو عبدالقُدُّوس، عبدالرحمٰن، عبدالقَيّوم آهي ته ان کي قدّوس، رحمٰن، قيّوم چوڻ ائين آهي جيئن جنهن جو نالو عبدالله هجي، ان کي ”الله“ چوڻ تمام سخت ڳالھ آهي۔ والعِياذ بالله تعالٰي۔ جنهن جو نالو عبدالقادر هجي ان کي به عبدالقادر ئي چيو ويندو، جنهن جو نالو عبدالقدير ان کي عبدالقدير ئي چوڻ ضروري آهي۔ عبدالرزاق کي عبدالرزاق، عبدالمُقتدر کي عبدالمُقتدر۔ غير تي قدير ۽ مقتدر جو اطلاق (يعني اللهعَزَّوَجَلّ کان علاوه ڪنهن غير کي قدير ۽ مقتدر چئي سگهجي ٿو يا نه ان مسئلي) ۾ علماء جو اختلاف آهي۔ ڪما في غاية القاضي حاشيه شرح البيضاوي۔
(فتاويٰ مصطفويه ص 89-90، ڪفريه ڪلمات جي باري ۾ سوال جواب ص 593)
صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب! صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد
BOOK TOPIC
BOOK TOPIC