Listing 5000+ Islamic books in more than 30 languages. Read online or download in PDF.
صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب! صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد
طٰہٰ، يٰس نالا به نه رکيا وڃن جو اُهي مُقَطَّعَاتِ قرآنيه مان آهن۔ جن جي معنٰي معلوم ناهي۔ ظاهر هي آهي ته اهي اَسماءِ نبي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جا آهن ۽ ڪن عالمن اسماءِ الٰهيه مان مراد ورتا آهن۔ بهرحال جڏهن معنٰي معلوم ناهي ته ٿي سگهي ٿو ته ان جي اهڙي معنٰي هجي جيڪا حضور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم يا الله تعاليٰ سان خاص هجي ۽ انهن نالن سان محمد ملائي ”محمد طٰہٰ“، ”محمد يٰس“ چوڻ به ممانعت ختم نه ڪندو۔ (بهار شريعت ج 3 ص 605)
صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب! صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد
غَفُورُ الدِّين (نالو) به سخت قَبيح (برو) آهي، غفور جي معنيٰ مٽائڻ وارو، لِڪائڻ وارو، الله عَزَّوَجَلّ غفورِ ذُنوب آهي يعني پنهنجي رحمت سان پنهنجي ٻانهن جا گناھ مٽائيندو، عيب لڪائيندو آهي ته غَفُورُ الدِّين جي معنٰي ٿي دين کي مٽائڻ وارو۔
(فتاوٰي رضويه ج 24 ص 681)
صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب! صَـلَّـی اللهُ تَعَالٰـی عَلٰی مُـحَـمَّد
سوال: ڪنهن جو نالو عبدالقَيُّوم هجي ان کي قَيُّوم سڏڻ ڪيئن؟ اهڙي طرح ڪنهن بزرگ کي ”قَيُّومِ جهان“ يا ”قَيُّومِ زمان“ چئي سگهجي ٿو يا نه؟
BOOK TOPIC
BOOK TOPIC