Listing 5000+ Islamic books in more than 30 languages. Read online or download in PDF.
کي) سڏي چوڻ لڳا ڏسو توهان جي ڪري محمد کي گار ڏني پئي وڃي۔ هاڻي مرڻ گھڙيءَ تائين تون انهي نالي سان سڏيو نه ويندين۔ اهڙي طرح انهيءَ وقت ان جو نالو عبدالرحمٰن رکيو ويو۔ پوءِ بنُوطَلۡحه وٽ پيغام موڪليو جيڪي ماڻهو انهيءَ نالي وارا هجن انهن جا نالا بدلايا وڃن۔ اتفاق سان اهي ست ماڻهو هئا ۽ انهن جي سردار جو نالو محمد هئو۔ ان چيو: رسول الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن پاڻ منهنجو نالو محمد رکيو آهي۔ فرمائڻ لڳا: هاڻي منهنجو ان تي ڪوبه زور نٿو هلي سگهي۔
(المسند للامام احمد بن حنبل ج 6 ص 267 حديث: 17916 ملخصًا)
صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب! صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد
سلطان محمود غزنوي هڪ ڀيرو اياز جي پٽ کي سڏيو: اي اياز جا پٽ! استنجا جي لاءِ پاڻي کڻي اچ۔ ڪجھ ڏينهن کان پوءِ اياز عرض ڪيو ته حضور! مون سان يا ان (يعني منهنجي پٽ) کان ڪهڙو قصور ٿيو آهي جو اوهان ان جو نالو نه ورتو؟ فرمايائون: تنهنجي پٽ جو نالو محمد آهي، مان ان ڏينهن بي وضو هئس، مون ڪڏهن بنا وضو جي محمد نالو پنهنجي زبان سان ناهي ورتو۔
ھزار بار بشوَیَم دھن بَـمُشک و گلاب!
ھنوز نامِ تو گفتن کمال بے ادبی است
(يعني مان پنهنجي وات کي هزار ڀيرا مشڪ ۽ گلاب سان ڌوئان تڏهن به اوهان جو نالو وٺڻ بي ادبي آهي) (تفسير نعيمي ج 4 ص 221)
صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب! صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد
BOOK TOPIC
BOOK TOPIC