Listing 5000+ Islamic books in more than 30 languages. Read online or download in PDF.
صدر الشّريعه، بدر الطّريقه حضرت علّامه مولانا مفتي محمد امجد علي اعظمي عَـلَيْهِ رَحْـمَةُ الـلّٰـهِ الۡـقَـوِی لکن ٿا: محمد تمام پيارو نالو آهي، ان نالي جي حديثن ۾ وڏي تعريف بيان ٿي آهي جيڪڏهن نالي بگاڙڻ جو انديشو نه هجي ته اهو نالو رکڻ گھرجي ۽ هڪ صورت هي آهي ته عقيقي جو نالو اهو هجي ۽ سڏڻ لاءِ ڪو ٻيو نالو تجويز ڪيو وڃي (مثال طور: بلال رضا، هلال رضا وغيره) ۽ هندوستان (پاڪ و هند) ۾ اهڙي طرح گھڻو ٿيندو آهي جو هڪ شخص جا ڪيترائي نالا هوندا آهن انهيءَ صورت ۾ نالي جي برڪت به حاصل ٿيندي ۽ تصغير کان بچي سگهبو۔ (بهارِ شريعت ج 3 ص 356)
اعلٰي حضرت، امام اهلسنت، مُجَدّد دين ۽ ملت مولانا شاه امام احمد رضا خان عَـلَيْهِ رَحْمَةُ الـرَّحْمٰن فرمائن ٿا: فقير غَفَرَ اللهُ تعالٰي پنهنجي سڀني پٽن ڀائيٽن جو عقيقي ۾ نالو صرف محمد رکيو پوءِ نالي پاڪ جي آداب جي حفاظت ۽ پاڻ ۾ سڃاڻپ جي لاءِ عُرف جدا مقرر ڪيو۔ (فتاوٰي رضويه ج 24 ص 689)
جڏهن شيخِ طريقت، اميرِ اهلسنّت، باني دعوتِ اسلامي حضرت علّامه مولانا ابوبلال محمد الياس عطّار قادري رضوي ضيائي دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـه جن جي خدمت ۾ ڪنهن جي نالي رکڻ جي درخواست ڪئي ويندي آهي ته عام طور تي پاڻ دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـه ان ٻار جو نالو: محمد ۽ پڪارڻ جي لاءِ عرف مثال طور: رَجب رضا رکندا
BOOK TOPIC
BOOK TOPIC