You Can Also Visit Our Countries Website:
History

Exact Search

Listing 5000+ Islamic books in more than 30 languages. Read online or download in PDF.

Naam Rakhnay kay Ahkam | نالي رکڻ جا احڪام

book_icon
نالي رکڻ جا احڪام

ڏيندي حياء ايندي آهي جنهن منهنجي محبوب جي محبت ۾ پنهنجي پٽ جو نالو ”محمد“ رکيو آهي۔  (تفسير نعيمي ج 4 ص 220)

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب                                                   !                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

”محمد“ نالو رکيو

        ڪيترائي صحابه ڪرام عَـلَيْهِمُ الرِّضْوَان اهڙا آهن جن جو نالو خود صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ”محمد“ رکيو۔ حضرت سيِّدُنا محمد بن طلحه رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ اُمُّ المُؤمنين حضرت سيِّدَتُنا زينب بنت جَحۡش رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُما جي ڀيڻ حضرت سيِّدتنا حَمۡنه رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهَا جا صاحبزاده آهن۔ جڏهن سندن ولادت ٿي، سندن والد حضرت سيِّدُنا طلحه رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ کيس سرڪار ابد قرار،شافع روز شمار        صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم وٽ کڻي ويا ته جيئن پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ٻار کي سُتّي ڏين ۽ ان جو نالو رکن، پياري آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم انهن جي مٿي تي هٿ ڦيريو ۽ انهن جو نالو ”محمد“ رکيو ۽ پنهنجي ڪُنيت ”ابوالقاسم“ عطا فرمائي۔

 (اسد الغابة ج 5 ص 101 رقم: 4738)

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                                                      صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

اِنْ شَآءَاللهعَزَّوَجَلَّ ڇوڪرو پيدا ٿيندو

    حضرت سيِّدُنا ابوشُعَيب رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه، امام عطاء رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه کان روايت ڪن ٿا ته جيڪو هي چاهي ته ان جي عورت جي حمل مان ڇوڪرو ٿئي ته ان کي گھرجي ته پنهنجو هٿ عورت جي پيٽ تي رکي چوي: اِنْ كَانَ ذَكَرًا فَقَدْ سَمَّيْتُهٗ مُحَمَّدًا يعني جيڪڏهن هي ڇوڪرو ٿيو ته مان ان جو نالو محمد رکيو۔“ اِنْ شَآءَاللهعَزَّوَجَلَّ ڇوڪرو ٿيندو۔

(فتاويٰ رضويه ج 24 ص 690)

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                                                      صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

 

 

BOOK TOPIC

BOOK TOPIC

Sirat-ul-Jinan

SIRAT UL JINAN

MOBILE APPLICATION

Marfatul Quran

MARIFATUL QURAN

MOBILE APPLICATION

Faizan-e-Hadees

FAIZAN-E-HADEES

MOBILE APPLICATION

Prayer Time

PRAYER TIME

MOBILE APPLICATION

Read and Listen

READ AND LISTEN

MOBILE APPLICATION

Islamic EBooks

ISLAMIC EBOOKS

MOBILE APPLICATION

Naat Collection

NAAT COLLECTION

MOBILE APPLICATION

Bahar-e-Shariyat

BAHAR E SHARIYAT

MOBILE APPLICATION