Listing 5000+ Islamic books in more than 30 languages. Read online or download in PDF.
هجي ته ”ه“ آهي، اهڙي طرح لفظ ”محمد“ دلالت ۾ حرفن جو محتاج ناهي، جيڪڏهن اوّل جي ميم الڳ ٿي وڃي ته ”حمد“ رهندو آهي جيڪڏهن ”ح“ به هٽايو وڃي ته ”مَدّ“ رهندو يعني ڇڪڻ، مخلوق کي ڇڪي خالق تائين پهچائڻ، جيڪڏهن وچ واري ميم به نه رهي ته ”دَال“ بمعنٰي رهبر۔
(4) سڀني جا نالا ان جا ماءُ پيءُ رکندا آهن لقب قوم ڏيندي آهي خطاب حڪومت کان ملندو آهي، پر حضور انور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن جو نالو، لقب ۽ خطاب سڀ الله عَزَّوَجَلّ جي طرفان آهن جو عبدالمطلب (رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ) فرشتي جي بشارت سان اهو نالو رکيو۔
(5) ٻين جا نالا پيدائش جي ستين ڏينهن رکيا ويندا آهن پر حضور انور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن جو پاڪ نالو جهان جي پيدائش کان پهريان عرش اعظم تي لکيو ويو هو ۽ حضرت عيسٰي عَـلَيْـهِ السَّلَام حضور انور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ولادت باسعادت کان تقريبًا 600 سال پهريان پنهنجي قوم کي فرمايو: اِسۡمُهٗ اَحۡمَد انهن جو نالو پاڪ احمد آهي، گذريل قومون سندن پاڪ نالي جي برڪت سان دعا گھرنديون هيون۔
(6) ڪو شخص پاڻ ڪريمن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن کي ”مُحَمَّد“ چئي بُرو نٿو چئي سگهي، جيڪڏهن چوندو ته پاڻ پنهنجي واتان ڪوڙو ٿيندو جڏهن ته انهن کي چوي ته ٿو ”محمد“ يعني لائقِ حمد ۽ ڪري ٿو برايون، ان ڪري مڪي جي ڪافرن پاڻ سڳورن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن جو نالو ”مُذَمَّم“ رکي سندن شان ۾ بڪواس ڪئي، حضور انورصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو: ڏسو اسان کي اسان جي ربّ تعاليٰ ڪافرن جي گارين کان بچايو، اهي ”مُذَمَّم“
BOOK TOPIC
BOOK TOPIC