You Can Also Visit Our Countries Website:
History

Exact Search

Listing 5000+ Islamic books in more than 30 languages. Read online or download in PDF.

Naam Rakhnay kay Ahkam | نالي رکڻ جا احڪام

book_icon
نالي رکڻ جا احڪام

تي نالو رکيو قيامت تائين صبح و شام ان تي برڪت نازل ٿيندي رهندي۔ (ڪنزالعمّال ج 16 ص 175 حديث 45213)

* قيامت واري ڏينهن ٻه ماڻهو الله عَزَّوَجَلّ  جي بارگاھ ۾ بيهاريا ويندا، حڪم ٿيندو: انهن کي جنّت ۾ وٺي وڃو۔ عرض ڪندا: الٰهي! اسان ڪهڙي عمل جي ڪري جنّت جا لائق ٿياسين، اسان ته جنّت جو ڪو ڪم ڪيوئي ناهي؟ الله عَزَّوَجَلّ  فرمائيندو: جنّت ۾ وڃو! مون قسم کنيو آهي ته جنهن جو نالو احمد يا محمد هوندو، اهو دوزخ ۾ نه ويندو۔ (مسند الفردوس ج 2 ص 503 حديث 8515)

* الله عَزَّوَجَلّ  فرمايو: مون کي پنهنجي عزّت و جلال جو قسم! جنهن جو نالو توهان جي نالي تي هوندو، ان کي عذاب نه ڏيندس۔

(ڪشف الخفاء ج 1 ص 345 حديث: 1243)

* جڏهن ڪا قوم ڪنهن مشوري لاءِ گڏ ٿيندي آهي ۽ انهن ۾ ڪو شخص ”مُحَمَّد“ نالي جو هجي ۽ اهي ان کي مشوري ۾ شريڪ نه ڪن ته انهن جي لاءِ مشاورت ۾ برڪت نه ٿيندي۔

 (الڪامل في ضعفاءِ الرّجال ج 1 ص 275)

* جنهن جا ٽي پٽ هجن ۽ اهو انهن مان ڪنهن جو نالو ”مُحَمَّد“ نه رکي، اهو ضرور جاهل آهي۔  (معجم ڪبير ج 11 ص 59 حديث 11077)

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                                                      صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

رزق ۾ برڪت ٿيندي آهي

          حضرت سيِّدُنا امام مالڪ عَلَیهِ رَحْمَةُ اﷲِ الخالق فرمائن ٿا: مڪي وارا پاڻ ۾ هيءَ گفتگو ڪندا هئا ته جنهن گھر ۾ به ”مُحَمَّد“ نالي جو ڪو فرد هوندو آهي ته ان گھر ۾ خيرو برڪت ٿيندي آهي ۽ ان جي رزق ۾ ڪثرت ٿيندي آهي۔ (المنتقيٰ شرح مؤطا امام مالڪ ج 9 ص 456)

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                                                      صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

 

BOOK TOPIC

BOOK TOPIC

Sirat-ul-Jinan

SIRAT UL JINAN

MOBILE APPLICATION

Marfatul Quran

MARIFATUL QURAN

MOBILE APPLICATION

Faizan-e-Hadees

FAIZAN-E-HADEES

MOBILE APPLICATION

Prayer Time

PRAYER TIME

MOBILE APPLICATION

Read and Listen

READ AND LISTEN

MOBILE APPLICATION

Islamic EBooks

ISLAMIC EBOOKS

MOBILE APPLICATION

Naat Collection

NAAT COLLECTION

MOBILE APPLICATION

Bahar-e-Shariyat

BAHAR E SHARIYAT

MOBILE APPLICATION