Listing 5000+ Islamic books in more than 30 languages. Read online or download in PDF.
موقعي تي اهڙا نالا ئي نه رکيا وڃن جتي اهو گمان هجي۔
(درمختار و ردالمحتار ج 9 ص 688)
حضرت سيِّدُنا عبدالجبّار بن حارِث رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جو پهريون نالو ”جبار بن حارث“ هو۔ حضور تاجدار مدينه، قرار قلب و سينه صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو: تون ”عبدالجبّار“ (زبردست قدرت واري جو ٻانهو) آهين۔ (اسد الغابة ج 1 ص 387 رقم: 667)
نوٽ: ”عبد“ سان رکڻ وارن نالن جي فهرست هن ڪتاب جي صفحي 104 تي ملاحظه ڪريو۔
صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب! صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد
سرڪار نامدار، حبيبِ پروردگارصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن جي مبارڪ نالي ”مُحَمَّد“ تي نالو رکڻ وڏي سعادت آهي۔ هڪ سَروي رپورٽ جي مطابق دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ رکيو ويندڙ نالو ”مُحَمَّد“ آهي۔ ”مُحَمَّد“ نالي جي فضيلت خود اسان جي پياري آقا، مديني واري مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم پنهنجي مبارڪ زبان سان بيان فرمائي آهي۔
فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم آهي:
* جنهن جي گھر پٽ پيدا ٿئي (اهو) منهنجي محبّت ۽ برڪت حاصل ڪرڻ جي لاءِ ان جو نالو ”مُحَمَّد“ رکي ته اهو ۽ ان جو پٽ ٻئي جنّت ۾ ويندا۔ (ڪنزالعمّال ج 16 ص 175 حديث 45215)
* جنهن منهنجي نالي مان برڪت جي اميد ڪندي منهنجي نالي
BOOK TOPIC
BOOK TOPIC