Listing 5000+ Islamic books in more than 30 languages. Read online or download in PDF.
وغيره اهي نالا عبد جي اضافت ۽ ان جي بغير رکڻ به جائز آهن، پر اهڙي قسم جي نالن رکڻ جي صورت ۾ هي ضروري آهي ته انهن نالن جي اها معنيٰ مراد نه ورتي وڃي جيڪا الله عَزَّوَجَلَّ جي شان جي ئي لائق آهي، مثال طور: الله عَزَّوَجَلَّ جو ”رشيد، ڪبير“ هئڻ ذاتي آهي ۽ مخلوق جي اندر اها معنيٰ عطائي آهي۔ صدر الشّريعه، بدر الطّريقه حضرت علّامه مولانا مفتي محمد امجد علي اعظمي عَـلَيْهِ رَحْـمَةُ الـلّٰـهِ الۡـقَـوِی مڪتبة المدينه جي شايع ٿيل بهار شريعت جلد 3 حصو 16 صفحي 602 تي فرمائن ٿا: ڪجھ اَسماءِ الٰهيه جو اِطلاق (چيو وڃڻ) غيرُالله تي جائز آهي ان سان گڏ نالو رکڻ جائز آهي جيئن علي، رشيد، ڪبير، بديع، ڇوته ٻانهن جي نالن ۾ اها معنيٰ مراد ناهي جن جو ارادو الله تعالٰي تي اطلاق ڪرڻ ۾ هوندو آهي ۽ انهن نالن ۾ الف و لام ملائي به نالو رکڻ جائز آهي، مثال طور: العلي، الرَّشيد۔ باقي هن زماني ۾ جڏهن ته عوام ۾ نالن جي تصغير ڪرڻ (يعني اڌ نالو وٺڻ، نالو بگاڙڻ) جو رواج گهڻو ٿي ويو آهي، تنهن ڪري جتي اهو گمان هجي اهڙن نالن کان بچڻ ئي مناسب آهي۔ خاص طور تي جڏهن اَسماءِ الٰهيه سان گڏ عبد جو لفظ ملائي نالو رکيو ويو، مثال طور: عبدالرحيم، عبدالڪريم، عبدالعزيز جڏهن ته اتي مضاف اليه مان مراد الله تعالٰي آهي ۽ اهڙي صورت ۾ تصغير (يعني ننڍو ڪرڻ) جيڪڏهن قصداً هوندي ته معاذ الله ڪفر هوندي، ڇوته هي ان شخص جي تصغير ناهي بلڪ معبود برحق جي تصغير آهي پر عوام ۽ اڻ واقفن جو اهو مقصد يقينًا ناهي، انهيءَ لاءِ اهو حڪم نه ڏنو ويندو بلڪ انهن کي سمجھايو ۽ ٻڌايو وڃي ۽ اهڙي
BOOK TOPIC
BOOK TOPIC