You Can Also Visit Our Countries Website:
History

Exact Search

Listing 5000+ Islamic books in more than 30 languages. Read online or download in PDF.

Naam Rakhnay kay Ahkam | نالي رکڻ جا احڪام

book_icon
نالي رکڻ جا احڪام

جن فرمايو: وَعَلَیْکَ اَلسَّلَامُ وَرَحْمَۃُ اللّٰہِ وَبَرَکَاتُهٗ  پوءِ پاڻ سڳورن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن منهنجو نالو پڇيو مون عرض ڪيو: ابومعاويه عَبۡدُاللَّاتِ وَالۡعُزّٰي۔ نبي ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو: بلڪ تون ”ابوراشد عبدالرحمٰن“ آهين۔ نبي معظم، رسول محترم          صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم منهنجي عزّت افزائي فرمائي، مون کي ويهاريو، مون کي پنهنجي چادر ۽ عصا (يعني لٺ مبارڪ) عطا فرمائي۔   (جمع الجوامع ج 15 ص 551 حديث: 15102 ملخصًا)

پنهنجي پٽ جو نالو عبدالرحمٰن رکو

     حضرت سيِّدُنا عبدالرحمٰن بن ابوسَبۡره رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ صحابي ابن صحابي آهن۔ سندن شمار ڪوفي جي رهاڪو صحابه ڪرام عَـلَيْهِمُ الرِّضْوَان ۾ ٿيندو آهي۔ سندن صاحبزاده حضرت سيِّدُنا خَيۡثَمه         رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ بيان ڪن ٿا: منهنجا والد عبدالرحمٰن منهنجي ڏاڏي سان گڏ سرڪارِ مدينه صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن وٽ ويا۔ حضور نبي ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن منهنجي ڏاڏي کان پڇيو: تنهنجي انهيءَ پٽ جو نالو ڇا آهي؟ انهن عرض ڪيو: عَزِيز۔ پاڻ ڪريمن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو: انهيءَ جو نالو عَزِيۡز ناهي، ”عبدالرحمٰن“ رکو، سڀ کان سٺا نالا عبدُالله، عبدالرحمٰن ۽ حارث آهن۔ (اسد الغابة ج 3 ص 466 رقم: 3313)

مُفسّر شهير، حڪيمُ الاُمّت، حضرت مفتي احمد يار خان عَلَيْهِ رَحْمَةُ اللهِ الْحَنَّان فرمائن ٿا: عَزِيۡز اَسماءِ الٰهيه منجهان آهي عزت مان ورتل آهي، مسلمان ۾ انڪساري، نوڙت ۽ عاجزي هئڻ گھرجي۔      

   (مراٰة المناجيح ج 6 ص 420)

 

BOOK TOPIC

BOOK TOPIC

Sirat-ul-Jinan

SIRAT UL JINAN

MOBILE APPLICATION

Marfatul Quran

MARIFATUL QURAN

MOBILE APPLICATION

Faizan-e-Hadees

FAIZAN-E-HADEES

MOBILE APPLICATION

Prayer Time

PRAYER TIME

MOBILE APPLICATION

Read and Listen

READ AND LISTEN

MOBILE APPLICATION

Islamic EBooks

ISLAMIC EBOOKS

MOBILE APPLICATION

Naat Collection

NAAT COLLECTION

MOBILE APPLICATION

Bahar-e-Shariyat

BAHAR E SHARIYAT

MOBILE APPLICATION