Listing 5000+ Islamic books in more than 30 languages. Read online or download in PDF.
| بَرْدَه | ڪنيز، ٻانهي: هڪ تابعي بزرگ حضرت سيدنا جعفر بن برقان رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰي عَلَيْه جن جي والده جو نالو |
| بِلْقِيْس | ملڪه سباء جو نالو، اسلام قبول ڪرڻ کان پوءِ حضرت سيدنا سليمان عَـلَيْـهِ الـسَّـلَام جن جي گھرواري ٿي |
| تَحِيَّه | سلام، سلامي تحية بنت سلمان، عالمه عورت جنهن کي لک کان وڌيڪ حديثون ياد هيون |
| جَبَلَه | قوم جي سردار، عالمه، ثابت قدم، هڪ تابعي بزرگ حضرت سيدنا صفح رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰي عَلَيْه جن جي نياڻي جو نالو |
| حَنِيْفَه | مذهبي عقيدي جي پخته، دين ۾ سچي ”بيبي حنيفه“ جي نائين صدي هجري جي شهره آفاق، عالمه، محدثه، جنهن کي امام جلال الدين سيوطي عَلَيۡهِ رَحْمَةُ اﷲِ الۡقَوِي پنهنجي شيوخ ۾ شمار ڪيو۔ |
| حَمَّادَه | حمد ڪرڻ واري، شڪر ڪرڻ واري، حِضرت سيدنا امام مالڪ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰي عَلَيْه جي ڌيءُ جو نالو |
| حَوَّاء | زندگي، حضرت سيدنا آدم عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم جي گهر واريءَ جو نالو |
| رَابِعَه | چوٿون، شفقت ڪرڻ واري، رضاءِ الاهي تي راضي ٿيڻ واري مشهور وليه عورت حضرت سيدتنا رابعه بصريه رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰي عَلَيْهَا |
| رَئِيْسَه | دولت مند، راويه حديث جنهن مان حضرت سيدنا سعد بن علي زنجاني شافعي عَلَيۡهِ رَحْمَةُ اﷲِ الۡقَوِي روايت ڪندا آهن۔ |
| زُبْدَه | ڪنهن شي جو بهتر حصو، برگزيده، مشهور بزرگ حضرت سيدنا بشر حافي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰي عَلَيْه جن جي ڀيڻ جو نالو. |
BOOK TOPIC
BOOK TOPIC