Listing 5000+ Islamic books in more than 30 languages. Read online or download in PDF.
جن فرمايو: جلد ئي ان کي ڇوڪرو پيدا ٿيندو۔ جڏهن ڇوڪرو پيدا ٿيو ته اهي ان کي نبي اڪرم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي خدمت ۾ کڻي آيا، پاڻ ڪريمن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم انهن کي کجورن جي سُتّي ڏني، ان جو نالو عبدُالله رکيائون ۽ ان جي لاءِ برڪت جي دعا ڪيائون۔ (الاصابة ج 5 ص 21 رقم: 6207)
صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب! صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد
حضرت سيِّدُنا عامِر بن رَبِيعَه رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ فرمائن ٿا اسلام جي شروع ۾ اسان مڪي شريف زَادَ ھَا اللهُ شَرَفًا وَّ تَعظِيمًا ۾ سرڪارِ مدينه، قرار قلب و سينه صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سان گڏ هئاسين اسان مڪي جي هڪ جبل مان غيبي آواز ٻڌو جيڪو مشرڪن کي مسلمانن جي خلاف اڀاري رهيو هو۔ نبي ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو: اهو شيطان آهي ۽ جنهن شيطان ڪنهن نبي جي خلاف اهڙو اعلان ڪيو آهي، الله عَزَّوَجَلّ ان کي هلاڪ ڪري ڇڏيو۔ پوءِ پاڻ ڪريمن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم اسان کي فرمايو: الله عَزَّوَجَلّ ان کي هڪ طاقتور جنّ جنهن جو نالو سَمۡحَجۡ آهي جي ذريعي هلاڪ ڪري ڇڏيو، مون ان جو نالو عبدالله رکيو آهي۔ شام جو اسان ان جڳهه تان غيبي آواز ۾ هي شعر ٻڌا:
نَـحْـنُ قَـتَـلْـنَـا مِـسْعَـرًا لَـمَّـا طَـغٰـی وَاسْتَکْبَرَا
وَصَغَّرَ الْحَقَّ وسَنَّ الْمُنْکَرَا بِشَتْمِہٖ نَبِیَّنَا الْمُظَفَّرَا
يعني اسان مِسۡعَر (خبيث جنّ) کي قتل ڪري ڇڏيو اهو سرڪش ۽ مغرور هو، اسان جي ڪامياب و ڪامران نبي جي باري ۾ بدڪلامي ڪندو هو ۽ حق جو منڪر هو۔
(الاصابة ج 3 ص 148 رقم: 3485)
BOOK TOPIC
BOOK TOPIC