Listing 5000+ Islamic books in more than 30 languages. Read online or download in PDF.
آهي ته عبدالرحمٰن بدران ان شخص کي گھڻا ماڻهو رحمٰن چوندا آهن ۽ غير خدا کي رحمٰن چوڻ حرام آهي۔ اهڙي طرح عبدالخالق کي خالق ۽ عبدالمعبود کي معبود چوندا آهن، اهڙي قسم جي نالن ۾ اهڙي ناجائز ترميم هرگز نه ڪئي وڃي۔ اهڙي طرح تمام گھڻن نالن ۾ تصغير جو رواج آهي يعني نالي کي اهڙي طرح کاريندا آهن جنهن مان حقارت محسوس ٿيندي آهي ۽ اهڙن نالن ۾ تصغير هرگز نه ڪئي وڃي تنهن ڪري جتي اهو گمان هجي ته نالن ۾ تصغير ڪئي ويندي اتي اهي نالا نه رکيا وڃن۔ (بهار شريعت ج 3 ص 356) (هڪ ٻي جاءِ تي صدرُالشّريعه لکن ٿا:) الله عَزَّوَجَلّ جي نالي جي تصغير ڪرڻ ڪُفر آهي جيئن ڪنهن جو نالو عبدالله يا عبدالخالق يا عبدالرحمٰن هجي ان کي سڏڻ وقت آخر ۾ الف وغيره اهڙا اکر ملائجن جنهن مان تصغير سمجهي ويندي آهي۔
(بهار شريعت ج 2 ص 462)
صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب! صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد
سرڪارِ مدينه، قرار قلب و سينه صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم 19 کان وڌيڪ خوشنصيب ٻارن جا نالا عبدُالله رکيا۔ اهڙي ئي هڪ ٻي روايت ملاحظه فرمايو۔ حضرت سيِّدُنا عبدُالله بن مُطِيع رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ کان روايت آهي، سندن والد خواب ۾ ڏٺو ته انهن کي کجورن جي ٿيلهي ڏني وئي، انهن پنهنجو خواب نبي اڪرمصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن کي ٻڌايائون، پاڻ ڪريمن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: ڇا تنهنجي ڪا گھرواري اميد سان آهي؟ انهن عرض ڪيو: جي ها! بَنُولَيۡث (قبيلي) سان تعلق رکندڙ گھرواري۔ نبي ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم
BOOK TOPIC
BOOK TOPIC