Listing 5000+ Islamic books in more than 30 languages. Read online or download in PDF.
جيڪڏهن ڪنهن ٻار جو نالو ”عَبۡد“ سان شروع ڪرڻو هجي ته سڀ کان افضل نالا عبدالله ۽ عبدالرحمٰن آهن۔ تاجدار رسالت، شهنشاھِ نُبوّت صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن ارشاد فرمايو: ”توهان جي نالن مان الله عَزَّوَجَلَّ جي ويجھو زياده پسنديده نالا عبدالله ۽ عبدالرحمٰن آهن۔“ (مسلم ص 1178 حديث: 2-(2132))
صدر الشّريعه، بدر الطّريقه حضرت علّامه مولانا مفتي محمد امجد علي اعظمي عَـلَيْهِ رَحْـمَةُ الـلّٰـهِ الۡـقَـوِی لکن ٿا: انهن ٻنهي مان وڌيڪ افضل عبدُالله آهي جو عَبُودِيت (يعني ٻانهي هئڻ) جي اضافت (يعني نسبت) عَلَمِ ذات (يعني الله) جي طرف آهي۔ انهن (يعني عبدالله ۽ عبدالرحمٰن) جي حڪم ۾ اهي اَسماء (يعني نالا) به آهن جن ۾ عَبُودِيت جي اِضافت ٻين اَسماء صِفاتيه جي طرف هجي مثال طور: عبدالرحيم، عبدالمَلِڪ، عبدالخالق وغيره۔ حديث ۾ جيڪو انهن ٻنهي نالن کي خدا تعالٰي جي ويجهو سڀني نالن کان پيارو فرمايو ويو آهي ان جو مطلب هي آهي ته جيڪو شخص پنهنجو نالو عبد سان گڏ رکڻ چاهي ٿو ته سڀ کان بهتر عبدالله ۽ عبدالرحمٰن آهن، اهي نالا نه رکيا وڃن جيڪي جاهليّت ۾ رکيا ويندا هئا جو ڪنهن جو نالو عبدِ شمس (يعني سج جو ٻانهو) ۽ ڪنهن جو عبدالدّار (يعني گھر جو ٻانهو) هوندو هو۔ (بهار شريعت ج 3 ص 601)
صدرُ الشّريعه رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه وڌيڪ لکن ٿا: عبدالله ۽ عبدالرّحمٰن تمام سٺا نالا آهن پر هن زماني ۾ اڪثر هي ڏٺو ويو
BOOK TOPIC
BOOK TOPIC