You Can Also Visit Our Countries Website:
History

Exact Search

Listing 5000+ Islamic books in more than 30 languages. Read online or download in PDF.

Naam Rakhnay kay Ahkam | نالي رکڻ جا احڪام

book_icon
نالي رکڻ جا احڪام

نالو رکيو آهي؟ مولٰي علي کَرَّمَ اللّٰهُ تَعَالٰي وَجۡھَهُ الۡکَرِيۡم عرض ڪيو: حَرۡب۔ فرمايائون: نه بلڪ اهو حَسَن آهي۔ پوءِ سيدنا امام حسين رَضِىَ اللهُ تَعَالٰي عَنْهُ جي ولادت باسعادت وقت تشريف فرما ٿيا ۽ فرمايائون: مون کي منهنجو شهزادو ڏيکاريو! توهان ان جو ڪهڙو نالو رکيو آهي؟ موليٰ علي کَرَّمَ اللّٰهُ تَعَالٰي وَجۡھَهُ الۡکَرِيۡم عرض ڪيو: حَرۡب۔ فرمايائون نه بلڪ اهو حسين آهي۔ پوءِ امام مُحۡسِن جي ولادت تي اهوئي فرمايائون مولٰي علي کَرَّمَ اللّٰهُ تَعَالٰي وَجۡھَهُ الۡکَرِيۡم اهوئي عرض ڪيو۔ فرمايائون نه بلڪ اهو مُحۡسِن آهي۔ پوءِ فرمايائون: مون پنهنجي شهزادن جا نالا داوٗد عَلَيْهِ الصَّلٰوة ُ وَالسَّلَام جي پٽن تي رکيا آهن۔

(مسند امام احمد بن حنبل ج 1 ص 211، 212 حديث 2769، و اسد الغابة ج 5 ص 77 رقم 4688)

    شَبَر شُبَيۡر مُشۡبِر حَسَن حُسَيۡن مُحۡسِن انهن سان هم وزن ۽ هم معنٰي آهن، ان سان مولٰي علي کَرَّمَ اللّٰهُ تَعَالٰي وَجۡھَهُ الۡکَرِيۡم کي تنبيھ ٿي ته اولاد جا نالا نيڪن جي نالن تي رکڻ گھرجي، تنهن ڪري انهن کان پوءِ پنهنجي صاحبزادن جا نالا ابوبڪر، عمر، عثمان، عباس    رَضِىَ اللهُ تَعَالٰي عَنْهُم وغيره رکيائون۔ (فتاوٰي رضويه ج 29 ص 80)

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                          صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

پنهنجي شهزادي جو نالو حضرت ابراهيم عَلَيْهِ الصَّلٰوة ُ وَالسَّلَام جي نالي تي رکيائون

     حضرت سيِّدُنا اَنَسرَضِىَ اللهُ تَعَالٰي عَنْهُ بيان فرمائن ٿا ته شهنشاھ مدينه، قرارِ قلب و سينه صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن ارشاد فرمايو: رات منهنجي گھر پٽ پيدا ٿيو آهي، مون پنهنجي پيءُ (يعني خليل الله حضرت ابراهيم عَلَيْهِ الصَّلٰوة ُ وَالسَّلَام) جي نالي تي ان جو نالو ابراهيم (رَضِىَ اللهُ تَعَالٰي عَنْهُ) رکيو آهي۔ (مسلم ص 1266 حديث: 2315)

 

BOOK TOPIC

BOOK TOPIC

Sirat-ul-Jinan

SIRAT UL JINAN

MOBILE APPLICATION

Marfatul Quran

MARIFATUL QURAN

MOBILE APPLICATION

Faizan-e-Hadees

FAIZAN-E-HADEES

MOBILE APPLICATION

Prayer Time

PRAYER TIME

MOBILE APPLICATION

Read and Listen

READ AND LISTEN

MOBILE APPLICATION

Islamic EBooks

ISLAMIC EBOOKS

MOBILE APPLICATION

Naat Collection

NAAT COLLECTION

MOBILE APPLICATION

Bahar-e-Shariyat

BAHAR E SHARIYAT

MOBILE APPLICATION