You Can Also Visit Our Countries Website:
History

Exact Search

Listing 5000+ Islamic books in more than 30 languages. Read online or download in PDF.

Naam Rakhnay kay Ahkam | نالي رکڻ جا احڪام

book_icon
نالي رکڻ جا احڪام

نبين جي نالن تي نالا رکو

      انبياءِ ڪرام عَلَيْھمُ الصَّلٰوة ُ وَالسَّلَام جي اسماءِ مبارڪه، صحابه ڪرام، تابعين عظام ۽ اولياءِ ڪرام رَحِمَهُمُ اللهُ السَّلام   جي نالن تي نالا رکڻ گھرجن جنهن جو هڪ فائدو هي به ٿيندو ته ٻار جو پنهنجي اَسلاف ڪرام سان روحاني تعلق قائم ٿي ويندو ۽ ٻيو انهن نيڪ هستين سان موسوم(نالي ڪيل) ٿيڻ جي برڪت سان ٻار جي زندگي تي مدني اثر مرتب ٿيندا۔ سڀني نبين جي سردار، مديني جي تاجدار صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو: ”انبياءِ (عَلَيْھمُ الصَّلٰوة ُ وَالسَّلَام) جي نالن تي نالا رکو ۽ الله عَزَّوَجَلّ  جي نزديڪ نالن ۾ وڌيڪ پيارا نالا عبدالله ۽ عبدالرحمٰن آهن ۽ سچا نالا حارث ۽ هَمَام آهن ۽ ”حَرۡب“ ۽ ”مُرَّه“ برا نالا آهن۔“ (ابوداوٗد ج 4 ص 374 حديث: 4950)

          حضرت علّامه عبدالرؤف مَناوي عَـلَيْهِ رَحْـمَةُ الـلّٰـهِ الۡـقَـوِی انهيءَ حديث جي تحت لکن ٿا: انبياءِ ڪرام عَلَيْھمُ الصَّلٰوة ُ وَالسَّلَام جي نالن تي نالو رکڻ جي ترغيب ان ڪري ڏياري وئي ڇوته اهي حضرات سڀني انسانن جا سردار آهن، انهن جا اخلاق سڀ کان بهتر، انهن جا عمل سڀني عملن کان سٺا ۽ انهن جا نالا سڀني نالن کان افضل آهن تنهن ڪري انهن جي نالن تي نالو رکڻ شرف ۽ سعادت جو سبب آهي

(فيض القدير ج 3 ص 324)

     مُفسّر شهير، حڪيمُ الاُمّت، حضرت مفتي احمد يار خان عَلَيْهِ رَحْمَةُ اللهِ الْحَنَّان انهي حديث پاڪ جي تحت لکن ٿا: حارِث جي معنٰي آهي ڪمايو۔ حَرۡث چوندا آهن ڪمائي کي۔ ”هَمَام“ جي معنٰي آهي قصد ۽ ارادو ڪرڻ وارو، هَمّ چوندا آهن ارادي کي۔ ڪو شخص ڪمائي يا ارادي کان خالي ناهي هوندو، تنهن ڪري اهي نالا گھڻا سچا آهن،

 

 

BOOK TOPIC

BOOK TOPIC

Sirat-ul-Jinan

SIRAT UL JINAN

MOBILE APPLICATION

Marfatul Quran

MARIFATUL QURAN

MOBILE APPLICATION

Faizan-e-Hadees

FAIZAN-E-HADEES

MOBILE APPLICATION

Prayer Time

PRAYER TIME

MOBILE APPLICATION

Read and Listen

READ AND LISTEN

MOBILE APPLICATION

Islamic EBooks

ISLAMIC EBOOKS

MOBILE APPLICATION

Naat Collection

NAAT COLLECTION

MOBILE APPLICATION

Bahar-e-Shariyat

BAHAR E SHARIYAT

MOBILE APPLICATION