Listing 5000+ Islamic books in more than 30 languages. Read online or download in PDF.
ته سمجھندا آهن جو قرآن ڪريم مان رکيل نالن تي اعتراض ڪيو پيو وڃي حالانڪ قرآن ڪريم مان نالو تجويز ڪرڻ جا به ڪي اصول آهن نه ته قرآن ۾ حِمار (گڏھ)، ڪَلۡب (ڪتو)، خِنزِير (سوئر)، بقره (ڳئون)، فرعون (خدائي جي دعوٰي ڪرڻ وارو مشهور بادشاھ)، هامان (مشهور ڪافر) وغيره جا لفظ به آيا آهن ته ڇا انهن جي معنٰي ۽ نسبت ڄاڻڻ کان پوءِ به ڪو انهن لفظن کي پنهنجي ڇوڪري يا ڇوڪريءَ جي نالي رکڻ لاءِ تيار نه ٿيندو؟ يقينًا نه۔
صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب! صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد
حضرت سيِّدُنا علي المرتضٰي کَرَّمَ اللّٰهُ تَعَالٰي وَجۡھَهُ الۡکَرِيۡم کان روايت آهي: مَا مِنْ قَوْمٍ یَکُوْنُ فِیْھِمْ رَجُلٌ صَالِحٌ فَیَمُوْتُ فَیَخْلُفُ فِیْھِمْ بِمَوْلُوْدٍ فَیُسَمُّوْنَہٗ بِاِسْمِہٖ اِلَّا خَلَفَھُمُ اللّٰہُ بِالْحُسْنٰی يعني جنهن قوم ۾ ڪو نيڪ شخص انتقال ڪري وڃي ان جي انتقال کان پوءِ ان قوم ۾ ڪو ٻار پيدا ٿئي ۽ ان بزرگ شخصيّت جي نالي تي ان ٻار جو نالو رکن ته الله عَزَّوَجَلّ ان سٺي نالي رکڻ جي سبب انهن ماڻهن جي لاءِ ان ٻار ۾ به اهي ئي نيڪ صفتون پيدا فرمائيندو۔ (ابن عساڪر ج 43 ص 44)
صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب! صَـلَّـی اللهُ تَعَالٰـی عَلٰی مُـحَـمَّد
اُمُّ الۡمُؤمنين حضرت سيِّدُتنا عائشه صديقهرَضِىَ اللهُ تَعَالٰي عَنْهَا کان روايت آهي رسول الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو: نيڪ ماڻهن جي نالن تي نالا رکو ۽ پنهنجيون حاجتون سٺن چهرن وارن (يعني نيڪ ماڻهن) کان طلب ڪريو۔ (المسند الفردوس ج 2 ص 58 حديث 2329)
BOOK TOPIC
BOOK TOPIC