Listing 5000+ Islamic books in more than 30 languages. Read online or download in PDF.
ڪڏهن ڪڏهن اهڙو نالو به ڳوليو ويندو آهي جيڪو گھر، خاندان، محلي ۾ ڪنهن جو به نه هجي، جڏهن به ڪو ٻڌي ته فورًا هي چوي ته اهو نالو ته پهريون ڀيرو ٻڌو آهي، ڪيڏو نه زبردست نالو رکيو آهي! اهي لفظ ٻڌي نالي رکڻ وارو ڪپڙن ۾ ناهي ماپندو، پر اهڙن کي سوچڻ گھرجي ته متان ڪٿي اها خوشي حُبِّ جاھ (يعني تعريف جي خواهش) جي مرض جو نتيجو ته ناهي؟
صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب! صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد
فرمانِ مصطفٰي صَلَّي اللهُ تَعَالٰي عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم: نِيَّةُ الْمُؤمِنِ خَيْرٌ مِّنْ عَمَلِهٖ. يعني مسلمان جي نيت ان جي عمل کان بهتر آهي.
(المعجم الڪبير للطبراني، الحديث: 5942، ج 6، ص 185)
ٻه مدني گُل:
1 بغير سٺي نيّت جي ڪنهن به نيڪ عمل جو ثواب ناهي ملندو۔
2 جيتريون سٺيون نيتون وڌيڪ، اوترو ثواب به وڌيڪ۔
مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ڪوبه جائز ڪم سٺي نيّت سان ڪيو وڃي ته ان جو به ثواب ملندو آهي، تنهن ڪري هڪدم نالي رکڻ بدران پهريان حسبِ حال نيّتون ڪرڻ گھرجن۔ مثال طور: * شريعت جي مطابق جائز نالو رکندس * جن نالن جي حديثن ۾ ترغيب آئي آهي اهي نالا رکندس *نسبت جي برڪتن حاصل ڪرڻ لاءِ انبياءِ ڪرام، صحابه ڪرام ۽ ٻين بزرگان دين جي نالن تي نالو رکندس * نالي جي حتمي انتخاب جي لاءِ علماء ڪرام سان مشورو ڪندس۔
صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب! صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد
BOOK TOPIC
BOOK TOPIC