Listing 5000+ Islamic books in more than 30 languages. Read online or download in PDF.
مٺا مٺا مدني منّو ۽ مدني منّيو! 6 معجزه ٻڌڻ کان پوءِ هاڻي اچو! ٻيا واقعا ٻڌون ٿا:
حضرتِ عمر بن ابي سَلَمَه رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ فرمائن ٿا: مان ننڍ پڻ ۾ حضورِ اڪرم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن جي پرورش ۾ هئس. (کائڻ وقت) منهنجو هٿ پيالي ۾ گهمندو هو (يعني هر طرف کان کاڌو کائيندو هئس). رسول الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن مونکي ارشاد فرمايو:”اي ڇوڪرا! بسم الله پڙھ، سڌي هٿ سان پنهنجي طرفان کاءُ .“ ان کان پوءِ مان اُنهي طرح (يعني پاڻ سرڪار صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم. جن جي چوڻ مطابق ) کائيندو آهيان. (بخاري ج 3 ص 521 حديث 5376)
BOOK TOPIC
BOOK TOPIC