Listing 5000+ Islamic books in more than 30 languages. Read online or download in PDF.
کير جي باري ۾ ٻه فرامينِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم (1) ڳئون جو کير استعمال ڪريو (يعني پيئندا ڪريو) ڇو ته هيءَ هر وڻ مان غذا حاصل ڪندي آهي ۽ ان ۾ هر بيماري جي شفاء آهي.
(مُسندِ امامِ اعظم ص۲۰۷،اَلمُستَدرک ج ۵ ص ۵۷۵ حدیث ۸۲۷۴ )
(2) جڏهن به ڪو ماڻهو کير پيئي ته چوي (يعني هيءَ دعا پڙهي)
اَللّٰھُمَّ بَارِکْ لَنَا فِیْہِ وَزِدْنَا مِنْہ
(ترجمو: اي الله عَزَّوَجَلَّ! اسان جي لاءِ هن ۾ برڪت عطا فرما ۽ اسان کي وڌيڪ عطا فرماءِ)
ڇو ته کير کانسواءِ اهڙي ڪا شيء ناهي جيڪا کاڌي ۽ پاڻي ٻنهن جي جاءِ تي ڪفايت ڪري.“ (شُعَبُ الْاِیمان ج۵ص۱۰۴ حدیث۵۹۵۷) يعني صرف کير ۾ اها نعمت آهي جيڪا بُک ۽ اُڃ ٻنهي کي رفع (ختم) ڪري ٿي، تنهنڪري ڇو ته هي غذا به آهي ۽ پاڻي به. (مراٰۃ المناجیح ج۶ص۸۰)
BOOK TOPIC
BOOK TOPIC