Listing 5000+ Islamic books in more than 30 languages. Read online or download in PDF.
والدِ محترم پنهنجي پُٽ کي عملي طور تي سمجهائڻ جو ارادو ڪيو ۽ هڪ ڏينهن گهر ۾ ڏاڍا آلو بخارا (Prunes) وٺي آيو، ان ۾ ڪجھ آلو بخارا گهر وارن کائي ڇڏيا، جڏهن باقي آلو بخارا رکڻ لڳو ته پُٽ چيو: هِنن مان هڪ سڙيل (Rotten) آلو بخارو به آهي آُن کي ڪڍي ڇڏيو، والد صاحب چيو: هينئر رهڻ ڏيو، سڀاڻي ڏسنداسين. ٻئي ڏينهن جڏهن پيءُ پُٽَ آلو بخارا ڏٺا ته سڙيل آلو بخاري جي قريب وارا آلو بخارا به خراب ٿي چڪا هئا. هاڻي والد صاحب پُٽ کي سمجهايو: ڏٺئي پُٽَ! صحبت جو ڪيترو اثر ٿيندو آهي! هڪ سڙيل آلو بخاري جي صحبت سان ٻيا سٺا آلو بخارا به خراب ٿي ويا! مدني مني جي سمجھ ۾ اچي ويو ۽ ان برن دوستن جي صحبت ۾ ويهڻ کان توبه ڪئي.
BOOK TOPIC
BOOK TOPIC