Listing 5000+ Islamic books in more than 30 languages. Read online or download in PDF.
الله پاڪ جي پياري نبي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن جي پياري صحابي حضرتِ جابِر بِن عبدالله رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جو بيان آهي ته سرڪارِ مدينه صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن کي تحفي ۾ هڪ ٿانو ۾ حلوو پيش ڪيو ويو ته پاڻ سڳورن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن اسان سڀني کي ٿورو ٿورو حلوو ڏنو، جڏهن منهنجي وارو آيو ۽ مونکي هڪ دفعو ڏيڻ کان پوءِ فرمايائون: ڇا توهان کي ٻيو به ڏيان؟ مون عرض ڪيو جي ها، ته پاڻ ڪريمن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن منهنجي ننڍي هجڻ جي ڪري مونکي وڌيڪ (يعني ٻيو به) ڏنائون، ان کان پوءِ جيڪي ماڻهو باقي رهجي ويا هئا انهن کي انهن جو حصو ڏنو ويو. (شُعَبُ الْاِیمان ج۵ص۹۹حدیث۳۵ مُلَخَّصاً)
BOOK TOPIC
BOOK TOPIC