Share this link via
Personality Websites!
481512
9622
ڇو ٿا سمجهايو؟ انهن تي پنهنجو وقت ڇو ٿا ضايع ڪريو؟ انهن مُبلغين جواب ڏنو:
مَعْذِرَةً اِلٰى رَبِّكُمْ(سيپارو: 9، سورة الاعراف: 164)
ترجموڪنزُ العرفان: توهان جي رب جي درٻار ۾ عذر پيش ڪرڻ جي لاءِ.
يعني اهي مڃين يا نه مڃين، اسان جو ڪم آهي نيڪيءَ جي دعوت ڏيڻ، جيڪڏهن مڃي وٺندا ته انهن جو ئي ڀلو، جيڪڏهن نه مڃيندا ته اسان گهٽ ۾ گهٽ پنهنجي رب جي بارگاهه ۾ هيءُ عذر ته پيش ڪري سگهنداسين ته مولا! اسان سمجهايو هو.
هي به نيڪيءَ جي دعوت جو هڪ اهم مقصد هوندو آهي ته اسان نيڪيءَ جي دعوت ڏني، اسان سمجهائي ڇڏيو، اسان جو فرض پورو ٿي ويو، هاڻي اڳيون ماڻهو ڄاڻي ۽ ان جو ڪم ڄاڻي! تنهنڪري اهي ماڻهو جيڪي نيڪيءَ جي دعوت ڏيڻ مان تنگ ٿي ويندا آهن، ڇڏيو! جڏهن ڪنهن کي مڃڻو ئي ناهي ته پوءِ چوڻ مان ڪهڙو فائدو! پنهنجو وقت وڃائڻ جو ڪهڙو فائدو، اهڙن ماڻهن کي گهرجي ته هتان عبرت حاصل ڪن، نيڪيءَ جي دعوت جو ڪم ڪڏهن به نه روڪين. الله پاڪ اسان کي عمل جي توفيق نصيب فرمائي. اٰمِیْنْ بِجَاہِ خاتَمِ النَّبِیّٖن صلَّی اللہُ عَلَیْہ ِوَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد
پيارا اسلامي ڀائرو! الله پاڪ فرمايو:
وَ قَدْ كَانَ فَرِیْقٌ مِّنْهُمْ یَسْمَعُوْنَ كَلٰمَ اللّٰهِ ثُمَّ یُحَرِّفُوْنَهٗ مِنْۢ بَعْدِ مَا عَقَلُوْهُ وَ هُمْ یَعْلَمُوْنَ(۷۵)
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami