Share this link via
Personality Websites!
481509
9622
ڳالهه قبول نه ڪندو هو ته ان تي نهايت غمگين ٿي ويندا هئا. ڪاش! اسان کي به اهڙي تڙپ نصيب ٿي وڃي!
يقين ڄاڻو! اڄ اسان جي معاشري (Society) ۾ برائين جي عام ٿي وڃڻ جي هڪ وڏي وجھ هيءَ به آهي ته اسان ۾ نيڪ بڻائڻ جو حرص ناهي رهيو * پاڻ نماز پڙهون ٿا، پر بي نمازين کي ڏسي دل ۾ ڪو درد نٿو جاڳي، اها تمنا نٿي اڀري ته انهن کي به نمازي بڻايان. * پاڻ قرآن پاڪ جي تلاوت ڪريون ٿا، پر گهر ۾ ٻار يا گهرواري وغيره تلاوت نٿا ڪن ته ان تي ڪو رنج نٿو ٿئي * پاڻ ڏاڙهي مبارڪ سجائي آهي، پر ڏاڙهي ڪوڙائيندڙن کي ڏسي دل ۾ ڪو افسوس نٿو ٿئي * پاڻ گانا باجا نٿا ٻڌون، تمام سٺي ڳالهه آهي، پر ٻين کي گانا باجا ٻڌندي ڏسي ڪو ڏک نٿو ٿئي، دڪانن، گاڏين ۽ هوٽلن تي گانا باجا (Music) وڄي رهيا هوندا آهن، پر انهن کي نيڪيءَ جي دعوت ڏيڻ جي همت ناهي ٿيندي.
اها جيڪا اسان جي اندر هڪ ڪمزوري اچي وئي آهي ته ٻين کي نيڪ بڻائڻ جو جذبو گهٽ ٿي ويو آهي، نيڪيءَ جي دعوت ڏيڻ جو لاڙو ختم ٿي رهيو آهي، ۽ الله پاڪ جي نافرماني ٿيندي ڏسي به دل رنجيده نٿي ٿي، هن ئي هڪ ڪمزوريءَ سبب اڄ هزارين برايون جنم وٺي رهيون آهن.
ٻنهي جهانن جي مالڪ ۽ مختار، مڪي مدني تاجدار صَلَّي اللهُ عَلَيهِ وَآلِهٖ وَسَلَّم جن جو فرمانِ عاليشان آهي: الله پاڪ جون حدون اورانگهيندڙن (يعني خُدائي احڪامن جي ڀڃڪڙي ڪندڙن) ۽ ان معاملي ۾ سُستي يا لاپرواهي ڪندڙن (يعني طاقت هجڻ جي باوجود برائيءَ کان منع نه ڪرڻ) وارن جو مثال ائين آهي جيئن ڪجهه ماڻهو هڪ ٻيڙيءَ ۾ سوار ٿيا، پاڻ ۾ ڪُڻو وڌائون، پوءِ ڪجهه ماڻهو ٻيڙيءَ جي مٿين حصي ۾ هليا ويا ۽ ڪجهه وري هيٺئين حصي ۾ رهجي ويا، هاڻي هيٺئين
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami