Share this link via
Personality Websites!
481520
9622
هڪ عادت اها به ماڻهن ۾ وڌي رهي آهي ته اهي پنهنجي غلطي مڃڻ بدران ان تي اڙِجي ويندا آهن، اهو ڄاڻيندا به آهن ته مون کان غلطي ٿي وئي آهي، پوءِ به پنهنجي عزت جي خاطر، نفس ۽ شيطان جي ڄار ۾ ڦاسي ڪري پنهنجي غلط ڳالهه کي دليلن سان درست ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ۾ لڳي ويندا آهن. هيءَ به تمام بُري عادت آهي. ڏسو! جيڪڏهن اسان بيمار آهيون، اسان لک چوندا رهون ته مان بيمار ناهيان، ان تي دليل به ڏيندا رهون، ته ڇا بيماري ختم ٿي ويندي؟ هرگز نه! هڪ شخص هو، ان کي هارٽ اٽيڪ (Heart Attack) آيو، بعض اوقات ماڻهو صحت مند هجي ته اهو به ممڪن آهي ته ان کي هارٽ اٽيڪ (Heart Attack) اچڻ جو گهڻو جهٽڪو نه لڳي، ان سان به ائين ئي ٿيو، ان جي سِيني ۾ سخت درد ٿيو، پوءِ ٺيڪ ٿي ويو. دوست احبابن چيو: ڀاءُ...!! اهو ڪو عام درد نٿو لڳي، چيڪ اپ ڪرائي وٺو! پر اهو مڃڻ لاءِ تيار نه ٿيو، ان جو نتيجو ڇا نڪتو؟ ڪجهه ڏينهن کان پوءِ ان کي ٻيهر هارٽ اٽيڪ آيو، هاڻي هو ڊاڪٽر وٽ پهتو ته خبر پئي ته هي ٻيو اٽيڪ هو، جيئن ته ان جو علاج شروع ڪيو ويو پر هاڻي دير ٿي چڪي هئي. ويچارو جان جي بازي هارائي ويو.
ائين ئي روحاني امراض (حسد، تڪبر، بغض وغيره) جو به حال آهي، اسان لک چوندا رهون ته مون کان غلطي ناهي ٿي، مون جيڪو ڪيو آهي، اهو بلڪل ٺيڪ آهي. جيڪڏهن اها غلطي آهي ته پوءِ غلطي ئي آهي. اسان جا دليل ان کي درست نه ڪري سگهندا. ان ڪري اسان کي پنهنجي غلطي مڃي وٺڻ گهرجي.
ياد رکو! دنيا ۾ ته زبان هلائي، حيلا بهانا ڪري، اُبتا سُبتا دليل ڏئي، وڏي عمر، طاقت، منصب وغيره جي ڌاڪ ويهاري اسان سامهون واري کي چپ ڪرائي سگهون ٿا، پاڻ کي تسلي ڏئي سگهون ٿا پر قيامت جي ڏينهن ائين
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami