Share this link via
Personality Websites!
481518
9622
واقعي؟! اوجهري کائڻ مڪروهه آهي؟ ان جو دليل ڇا آهي؟ ڪهڙي حديث ۾ آيل آهي؟“ الامان والحفيظ...!! هي آهي: عناد، ضد ۽ هٺ ڌرمي! اها عادت اسان کي ڪڍڻ گهرجي. حق ڳالهه جڏهن به اسان کي ٻڌائي وڃي، اها فوراً قبول ڪيون. عمل ۾ ڪمزوري هجڻ الڳ ڳالهه آهي، پر حق ڳالهه ٻڌي اڙجي وڃڻ ۽ ان کي مڃڻ بدران ابتو سمجهائڻ واري کي گهٽ وڌ ڳالهائڻ، هيءَ بُري ڳالھ آهي. اڄڪلهه اهو رَوَيو به عام ٿي رهيو آهي، جڏهن به ڪو نيڪيءَ جي دعوت ڏئي ٿو ته ماڻهو ان جي ذات ۾ خاميون ڳولڻ لڳن ٿا، مثال طور * ها! ها! وڏو ڪو حاجي بڻجي آيو آهين....!! * تون اسان کي سمجهائيندين * تو جهڙا گهڻائي ڏٺا آهن * ۽ ڪي بيباڪ ته ايتري تائين چئي ويندا آهن: مولانا صاحب...!! پنهنجو رستو وٺو! اسان ڄاڻون ۽ اسان جو رب ڄاڻي.
ڇا تو جهڙو ماڻهو مون کي سمجهائيندو...؟
لَاحَوْلَ وَلَاقُوَّۃَ اِلَّا بِاللہ...!! پيارا اسلامي ڀائرو! اهي تمام سخت جُملا آهن. اهڙيون ڳالهيون هرگز زبان تي نه آڻڻ گهرجن...!! صحابيءِ رسول حضرت عبدالله بن مسعود رَضِىَ اللهُ عَنْهُ فرمائن ٿا: الله پاڪ وٽ وڏن گناهن مان هڪ اهو به آهي ته جنهن وقت ڪنهن کي چيو وڃي ته الله پاڪ کان ڊڄ! ته هو اڳيان کان چوي: تون پنهنجو فڪر ڪر...!! ڇا تو جهڙو ماڻهو مون کي حڪم ڏيندو؟ ([1])
الله! الله! اندازو لڳايو! اهو ڪيترو سخت جرم آهي. اسان وٽ ته اهڙيون ڳالهيون عام آهن. ماڻهو نيڪي جي دعوت ڏيڻ واري کي وڏي دليري سان چئي ڇڏيندا آهن: وڃو! ادا پنهنجو ڪم ڪريو...!! ليڪچر نه ٻڌايو...!!
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami