Share this link via
Personality Websites!
481517
9622
معمولي ڳالهين کي پنهنجي اَنا جو مسئلو بنائي وٺڻ عام آهي * گهڻا ماڻهو اهڙا آهن، جيڪي ڪنهن نصيحت کي پنهنجي تذليل ۽ بي عزتي سمجهندا آهن * گهرن اندر ڏسجي ته نياڻيءَ وارا، ڇوڪري يا انهن جي گهر وارن کي سمجهائي نٿا سگهن * ننڍن خاندانن وارا وڏن گهراڻن وارن کي نٿا سمجهائي سگهن * عام ماڻهو ڪنهن وڏي حيثيت واري کي نٿو سمجهائي سگهي * عوام ڪنهن دنياوي عهديدار کي نٿو سمجهائي سگهي * مسجدن ۾ ڪو نوجوان عالم يا ديني مبلغ ڪنهن وڏي ڄمار واري بزرگ کي نٿو سمجهائي سگهي، ماڻهو سمجهائڻ تي تپي باهه ٿي ويندا آهن، نيڪيءَ جي دعوت کي پنهنجي انا جو مسئلو بڻائي وٺندا آهن، اهو ئي خطرو هوندو آهي ته مان ڪا چڱي ڳالهه ٻڌايان ته ٿي سگهي ٿو سامهون وارا ڳچيءَ ۾ نه پئجي وڃن * هڪ ڀيري هڪ امام صاحب جماعت شروع ٿيڻ کان اڳ اعلان ڪيو: ننڍن ٻارن کي صفن ۾ نه بيهاريو! ننڍن ٻارن جي صف سڀ کان آخر ۾ بڻايو! هڪ صاحب پنهنجي ننڍڙي ٻار کي ساڻ وٺي پهرين صف ۾ بيٺل هو، امام صاحب جو اعلان ٻڌندي ئي ڪاوڙ مان رڙ ڪري چوڻ لڳو: ڇو...؟ ٻار کي پوئتي ڇو ڪريون؟ هن جو ڪهڙو قصور آهي؟
هاڻي اوهان ئي ٻڌايو! ان ۾ ويچاري امام صاحب جو ڪهڙو ڏوهه آهي، ننڍن ٻارن جي صف آخر ۾ بڻائڻ جو حڪم ته شريعت ڏنو آهي، اسان کي گهرجي ته حڪم جي پيروي ڪريون * هڪ صاحب ڪٿي کاڌي لاءِ ويٺل هو، ڀرسان ئي هڪ صاحبِ علم به ويٺو هو. دسترخوان تي اوجهري آڻي رکي وئي، ان صاحبِ علم ڀرسان ويٺل شخص کي چيو: اوجهري کائڻ مڪروهه آهي، تنهنڪري نه کائجو. هاڻي جيڪو ڀر وارو همراهه هو، ان ڇا ڪيو؟ ٿالهي (Plate) پنهنجي طرف ڇڪي ورتائين، گڏوگڏ کائي به رهيو آهي ۽ ساڳئي وقت ان صاحبِ علم کان پڇي به رهيو آهي: هان...!! ڇا
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami