Share this link via
Personality Websites!
481516
9622
ويندو، ۽ ان تي دوزخ جي باهه مُسلط ڪئي ويندي، اسان کي گهرجي ته هٺ ڌرمي ۽ ضد کان پرهيز ڪريون، جڏهن به معلوم ٿي ويو ته هي ديني حڪم آهي * قرآنِ پاڪ اسان کي هي حڪم ڏنو آهي * حديثِ پاڪ ۾ هي حڪم آيو آهي * شريعت هي فرمايو آهي، بَس پوءِ ان تي عمل ڪريون، ان آڏو ڪنڌ جهڪائي سرِ تسليم خم ڪريون ۽ ضد توڙي هٺ ڌرميءَ کان پري رهندا ڪريون.
هڪ معلوماتي ڳالهه عرض ڪريان: تڪبر ۽ عاجزيءَ جا ٻه ٻه قسم آهن. امام غزالي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه انهن جي وضاحت ڪندي فرمائن ٿا: تڪبر به ٻن قسمن جو هوندو آهي ۽ عاجزي به ٻن قسمن جي هوندي آهي.
(1): پهريون قسم: تواضُعِ عام (يعني عام عاجزي). مثال طور معمولي لباس ۽ سادي سواريءَ وغيره تي قناعت ڪري وٺڻ، اها عام تواضع آهي. جڏهن ته پاڻ کي ان کان مٿانهين حيثيت جو اهل سمجهڻ (مثلاً پاڻ کي ٻين کان برتر ۽ ٻين کي پاڻ کان گهٽ يا حقير سمجهڻ) هي عام تڪبر آهي.
(2): ٻيو قسم: خاص تواضُع (يعني خاص عاجزي). اها ڇا آهي: پاڻ کي حق ڳالهه قبول ڪرڻ جو عادي بنائڻ. ۽ ان جي اُبتڙ، يعني حق ڳالهه مڃڻ کان لنوائڻ، پاڻ کي ان کان مٿانهون توڙي وڏو سمجهڻ، هي خاص تڪبر آهي.
افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته اڄڪلهه اسان وٽ به ضدي هجڻ (يعني هي خاص تڪبر جيڪو آهي، هي) ڏينهون ڏينهن وڌي رهيو آهي* ڪيترائي اهڙا ماڻهو آهن جيڪي حق ڳالهه ٻڌڻ لاءِ تيار ئي ناهن ٿيندا، ٻڌندا آهن ته مڃڻ لاءِ تيار ئي ناهن ٿيندا * نيڪيءَ جي دعوت ٻُڌي حيلا بهانا ڪرڻ *
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami