Share this link via
Personality Websites!
481514
9622
هاڻي رسولِ ذيشان صَلَّي اللهُ عَلَيهِ وَآلِهٖ وَسَلَّم جن ڇا ڪيو جو حضرت عبدالله بن سلام رَضِيَ اللهُ عَنۡه کي پردي پٺيان لڪائي ڇڏيو انهن جي غير موجودگيءَ ۾ بني اسرائيل جي ماڻهن کان پڇيائون: ٻڌايو! عبدالله بن سلام اوهان جي ويجهو ڪيئن آهي...؟ انهن وراڻيو: واهه...!!واهه! انهن جو ڇا ته شان آهي، اهي اسان جا سڀ کان وڏا عالم آهن، انهن سان ئي ته اسان جو شان آهي، اسان جي سڄي قوم جو سرمايو آهن.
هاڻي حضرت عبدالله بن سلام رَضِيَ اللهُ عَنۡه سامهون تشريف وٺي آيا ۽ چيائون: مان گواهي ڏيان ٿو ته محمد مصطفيٰ صَلَّي اللهُ عَلَيهِ وَآلِهٖ وَسَلَّم الله پاڪ جا سچا رسول آهن. بس هي ٻڌڻ ئي هو جو بني اسرائيل اتي ئي پنهنجي ڳالهه تان ڦري ويا، ۽ چوڻ لڳا: ها! ها! هي ته آهن ئي اهڙا! هي پاڻ به نهايت بُرا آهن ۽ انهن جا والد به بُرا هئا. ([1])
الله! الله! هي آهي بني اسرائيل جي ضد، هٺ ڌرمي، عناد، حق سان دشمني ۽ انا پرستي. هاڻي ٻڌايو، جڏهن ڪنهن ٻانهي جي اهڙي حالت هجي ته ڀلا ان تي حق ڳالھ ڪيئن اثر ڪري سگهندي...؟
هن مان معلوم ٿيو ته ”عنادِ حق“ (يعني حق سان دشمني) ۽ انا پرستي نهايت خطرناڪ باطني بيماريون آهن، هي جنهن به ماڻهوءَ جي دل ۾ هجن، ان کي گمراھ ڪري ڇڏينديون آهن، ۽ اهڙو ضدي ۽ هٺ ڌرم بڻائي ڇڏينديون آهن جو انسان پنهنجي کُليل اکين سان معجزات ڏسي ڪري به گمراهه ئي رهجي ويندو آهي. ان ڪري اسان کي گهرجي ته پاڻ کي خودپرستيءَ ۽ حق جي مخالفت کان پاڻ کي پاڪ ۽ صاف رکون.
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami