Share this link via
Personality Websites!
481423
9616
کانئن معافي گهري ئي نه هئي ته پاڻ ان کان اڳ ئي فرمايائون: پٽ! مون توکي معاف ڪري ڇڏيو.
ان معافيءَ سان گڏوگڏ پاڻ شريعت تي به سختيءَ سان عمل ڪري رهيا آهن، فرمايائون: پٽ! هِن جي ماءُ کي دِيت يعني خون جو بدلو به ادا ڪري ڇڏ. سُبْحٰنَ اللہ! هي آهي حِلم ۽ برداشت.
۽ مان اوهان کي هڪ دلچسپ ڳالهه ٻڌايان ته اسان جي آقا ۽ مولا، مڪي مدني مصطفيٰ صلَّی اللہُ علیہِ وَ آلِہٖ وَسلَّم جي تشريف آوريءَ کان اڳ اِهي ئي عرب جا ماڻهو هئا، جيڪي ننڍڙين ننڍڙين ڳالهين تي جنگيون ڪندا هئا.
ڪتابن ۾ لکيل آهي: ڪُلَيب نالي هڪ شخص هو، جيڪو هاري هو ۽ کيس هڪ ٻَنِي هئي. هڪ ڀيري سندس پاڙيسريءَ جي ڏاچي اُن جي ٻَنيءَ ۾ اچي وئي. ڪُلَيب اُن ڏاچيءَ کي تير هنيو ۽ اها ڏاچي مري وئي. ڏاچيءَ جي مالڪ بدلو وٺڻ لاءِ ڪُلَيب کي قتل ڪري ڇڏيو. پوءِ اها انتقامي ڪارروائي ايتري ته وڌي وئي جو ٻنهي قبيلن جي وچ ۾ 40 سالن تائين جنگ جاري رهي.[1]
الله اکبر! اندازو لڳايو ته اِها آهي انتقامي ڪارروائي...!! هڪ ڏاچيءَ جي انتقام ۾ شروع ٿيڻ واري جنگ 40 سال جاري رهي. نسلن جا نسل ان انتقام جي باهه ۾ سڙندا رهيا، بيشمار جانيون ضايع ٿيون، پر انتقام جو سلسلو ختم نه ٿيو.
اِها مان اوهان کي عرب جي تاريخ ٻڌائي رهيو آهيان. جاهليت جي زماني ۾ ماڻهو اهڙي قسم جا هئا، پر قربان وڃان! انهن ئي عربن جي وچ ۾ جڏهن
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami