Share this link via
Personality Websites!
481421
9616
حضرت اَحنف رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: جڏهن حضرت قَيس بن عاصِم رَضِیَ اللہُ عنہ اِها ڳالهه ٻڌي ته سندن حِلم (بردباري) ۽ قوتِ برداشت جو ڪمال ڏسو، جو پاڻ پنهنجي جاءِ تان به نه اٿيا ۽ جيڪا ڳالهه ماڻهن سان ڪري رهيا هئا (ظاهر آهي ته صحابيءِ رسول آهن، ضرور ڪا حديث پاڪ ٻڌائي رهيا هوندا يا ڪو ديني مسئلو سمجهائي رهيا هوندا) اُها اَڌَ ۾ به نه ڇڏيائون، بلڪه ان کي مڪمل ڪيائون. پوءِ پنهنجي ٻئي پٽ ڏانهن منهن ڪري فرمايائون: پنهنجي ڀاءُ جي ڪفن ۽ دفن جي تياري ڪر! پوءِ پنهنجي ڀائٽيي ڏانهن منهن ڪري فرمايائون (اُهو ڀائٽيو جنهن سندن پٽ کي قتل ڪيو هو): اي ڀائٽيا! توکان تمام وڏو گناهه ٿي ويو آهي، (ان کان توبهه ڪر!) ۽ ها (مون ته توکي معاف ڪري ڇڏيو، پر) مرڻ واري جي ماءُ کي دِيت ادا ڪري کيس راضي ڪري وٺ....!! حضرت اَحنف رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: هن واقعي مون کي حِلم (بردباري) سيکاريو آهي. ([1])
اللہُ اکبر...!! پيارا اسلامي ڀائرو! قوتِ برداشت تي غور ڪريو! ڪيڏي نه وڏي برداشت آهي...!! سڳي پُٽَ کي سندن سڳي ڀائٽيي قتل ڪري ڇڏيو آهي. اسان وٽ جيڪڏهن اهڙو ڪو معاملو ٿي پوي ته نسلن تائين دشمنيون هلنديون رهنديون آهن ۽ گِيسِيُون ڪرايون وينديون آهن.
هي هڪ محاورو آهي جيڪو اسان وٽِ عام طور ڳالهايو ويندو آهي: گِيسِيُون ڪَرائڻ، يعني سامهون واري کي انتهائي ذليل ۽ رسوا ڪرڻ ۽ کيس گوڏا کوڙڻ تي مجبور ڪري ڇڏڻ. اسان وٽ ائين ٿيندو آهي ايسيتائين جو ڌيئرن جا رشتا به ڏيڻا پئجي ويندا آهن، پوءِ ان ڌيءُ کي سڄي زندگي طعنا ٻڌڻا پوندا آهن ۽ اهڙا قسم جا ٻيا به ڪيترائي معاملا ٿيندا آهن، جيڪي بيان نه ٿا ڪري سگهجن.
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami