Share this link via
Personality Websites!
481446
9616
اسان کي به گهرجي ۽ جيڪڏهن صحت اجازت ڏئي ته سومر ۽ خميس جي ڏينهن اهتمام سان روزو رکون. اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! سنت تي عمل ڪرڻ سان گڏوگڏ بيشمار برڪتون به نصيب ٿينديون. پر ياد رکو! * جيڪڏهن نفلي روزا رکڻ سبب ڪم ڪار ۾ سُستي پيدا ٿئي ته روزو رکڻ جي اجازت نه آهي * جتي به نفلي روزو رکڻ سبب ڪنهن افضل ڪم ۾ رنڊڪ پيدا ٿيندي هجي ته اتي روزو نه رکجي (مثال طور جيڪڏهن ڪنهن اسلامي ڀاءُ جي ذميواري اهڙي نوعيت جي آهي، جنهن ۾ عوام سان اڪثر واسطو پوندو آهي ۽ روزو رکڻ سبب سندس مزاج ۾ ڪاوڙ ۽ سختي پيدا ٿي ويندي آهي ته جيتوڻيڪ سندس ڪم پورو ٿي ويندو هجي، پر ماڻهن سان بداخلاقي کان بچڻ نفلي روزن جي مقابلي ۾ وڌيڪ ضروري آهي) * جيڪڏهن ماءُ پيءُ پنهنجي پٽ کي بيماريءَ جي انديشي سبب نفلي روزو رکڻ کان منع ڪن ته والدين جي اطاعت ڪئي وڃي * مڙس جي اجازت کان سواءِ زال نفلي روزو نه ٿي رکي سگهي. ([1])
مختلف سنتون سکڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جي شايع ٿيل ڪتاب بهار شريعت جلد: 3 مان حصو 16 ۽ شيخ طريقت، امير اهل سنت مولانا الياس قادري دَامَت بَرَکاتہمُ الْعَالِیہ جو 91 صفحن تي مشتمل رسالو 550 سنتون ۽ آداب خريد فرمايو ۽ پڙهو. سنتون سکڻ جو هڪ بهترين ذريعو دعوتِ اسلامي جي قافلن ۾ عاشقانِ رسول سان گڏ سنتن ڀريو سفر ڪرڻ به آهي.
سنتیں سیکھنے تین دِن کے لیے ہر مہینے چلیں، قافلے میں چلو
الله پاڪ اسان کي عمل جي توفيق عطا فرمائي. اٰمِیْنْ بِجَاہِ خاتَمِ النَّبِیّٖن صلَّی اللہُ عَلَیْہ ِوَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami