Share this link via
Personality Websites!
481445
9616
ديني سرگرميون * ازدواجي زندگي ۽ اولاد * سندن عادتون ۽ معمولات * ۽ دعوتِ اسلامي جي باري ۾ گهڻو ڪجهه بيان ڪيو ويو آهي. هي ڪتاب مڪتبة المدينه جي ڪنهن به شاخ تان 1000 رپين ۾ خريد ڪريو، پاڻ به ان جو مطالعو ڪريو ۽ ٻين کي به پڙهڻ جي ترغيب ڏياريو.
نوٽ: پنهنجي مرحومين جي ايصالِ ثواب ۽ خوشيءَ جي موقعن تي مڪتبة المدينه جي ڪتابن ۽ رسالن جو اسٽال لڳرائڻ لاءِ هن نمبر تي رابطو ڪريو.
0313-1139278
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد
پيارا اسلامي ڀائرو! بيان کي اختتام ڏانهن آڻيندي سنت جي فضيلت ۽ زندگي گذارڻ جا ڪجهه آداب بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪري رهيو آهيان. تاجدارِ رسالت، شهنشاههِ نبوت صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَآلِهِ وَسَلَّم فرمايو: مَنْ اَحَبَّ سُنَّتِي فَقَدْ اَحَبَّنِي وَمَنْ اَحَبَّنِي كَانَ مَعِيَ فِي الْجَنَّةِ جنهن منهنجي سنت سان محبت ڪئي، ان مون سان محبت ڪئي ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي، اهو جنت ۾ مون سان گڏ هوندو. ([1])
سینہ تیری سُنّت کا مدینہ بنے آقا! جنت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا
سومر ۽ خميس جو روزو رکڻ سنتِ مصطفيٰ آهي!
پيارا اسلامي ڀائرو! سومر ۽ خميس جو روزو رکڻ سنتِ مصطفيٰ صلَّی اللہُ علیہِ وَ آلِہٖ وَسلَّم آهي. مسلمانن جي پياري امي جان حضرت عائشه صديقه رَضِیَ اللہُ عنہا فرمائن ٿيون: منهنجا سرتاج، صاحبِ معراج صلَّی اللہُ علیہِ وَ آلِہٖ وَسلَّم سومر ۽ خميس جي ڏينهن اهتمام سان روزو رکندا هئا.([2])
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami