Share this link via
Personality Websites!
481441
9616
جون بيشمار برڪتون نصيب ٿينديون. ذيلي حلقي جي 12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم: تفسير ٻڌڻ ۽ ٻڌائڻ جو حلقو به آهي.
* قرآن مجيد سکڻ تمام فضيلت وارو ڪم آهي: * حديثن ۾ هن طرح جو مضمون آهي ته صبح ان حالت ۾ ڪريو جو يا ته توهان عالم هجو يا طالبِ علمِ دين هجو. ([1]) * هڪ روايت جي مطابق صبح جي وقت قرآن مجيد جي هڪ آيت سکڻ 100رڪعتون نفل پڙهڻ کان بهتر آهي. ([2])
* الحمدلله! دعوتِ اسلامي سان وابسته عاشقانِ رسول نمازِ فجر کان پوءِ تفسير ٻڌڻ ۽ ٻڌائڻ جو حلقو لڳائيندا آهن * هِن حلقي ۾ قرآن پاڪ جون ٽي آيتون * انهن جو ترجمو ۽ تفسير ٻڌو ۽ ٻڌايو ويندو آهي * فيضانِ سنت مان درس ڏنو ويندو آهي* شجرو شريف پڙهيو ويندو آهي * دعا ٿيندي آهي ۽ * آخر ۾ اشراق ۽ چاشت جا نفل پڻ ادا ڪيا ويندا آهن.
* توهان به تفسير ٻڌڻ ۽ ٻڌائڻ جي حلقي ۾ شرڪت ڪرڻ جي عادت بڻايو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! تمام گهڻيون برڪتون حاصل ٿينديون * حديث پاڪ جي مطابق جيڪو صبح جي وقت مسجد ۾ نيڪي سکڻ لاءِ ويندو آهي، ان کي عمري جو ثواب ملندو آهي. ([3]) * صبح جو وقت نيڪين ۾ گذرندو ته برڪت نصيب ٿيندي * سڄو ڏينهن سٺو گذرندو * صبح صبح علمِ دين سکڻ جو موقعو نصيب ٿيندو* شجري شريف جي صورت ۾ نيڪ ٻانهن جو ذڪر ٿيندو * انهن جي محبت دل ۾ پيدا ٿيندي * اولياءِ ڪرام جي روحاني توجهه نصيب ٿيندي * ايمان تازو ٿيندو* انهن جي وسيلي سان گهريل دعائون اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! قبول ٿينديون * هڪ وڏي برڪت هيءَ ته نمازِ فجر کان نمازِ اشراق تائين مسجد ۾ ترسڻ سنتِ مصطفيٰ آهي، تي عمل ڪرڻ
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami