Share this link via
Personality Websites!
481440
9616
پيارا اسلامي ڀائرو! اڄ اسان وٽ ننڍين ننڍين ڳالهين تي رنجشون پالڻ ۽ سِرَ جو جواب پٿر سان ڏيڻ جو ذهن بڻجي چڪو آهي. حالانڪه اسان جي پياري آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَآلِهِ وَسَلَّم سڄي حياتي پنهنجي ذات لاءِ ڪڏهن به انتقام نه ورتو، بلڪه فتحِ مڪه جي موقعي تي اهلِ مڪه ۽ پنهنجي ڌيءَ کي تڪليف پهچائيندڙ تائين کي به کليل دل سان معاف فرمائي، عفو و درگذر جا اعليٰ ترين مثال قائم فرمايا. تنهنڪري اسان کي گهرجي ته معافي ۽ درگذر کي پنهنجي زندگيءَ جو حصو بڻايون. الله پاڪ اسان کي ان جي توفيق نصيب فرمائي. ڪاش! اسان کي صبر، حِلْم ۽ برداشت جي نعمت نصيب ٿي وڃي .الله پاڪ اسان کي به ان توفيق عطا فرمائي. ڪاش! اسان کي صبر، حلم ۽ برداشت جي نعمت نصيب ٿي وڃي.اٰمِیْنْ بِجَاہِ خاتَمِ النَّبِیّٖن صلَّی اللہُ عَلَیْہ ِوَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ
تُو عطا حِلْم کی بھیک کر دے میرے اَخْلاق بھی ٹھیک کر دے
تجھ کو فاروق کا واسطہ ہے یاخُدا! تجھ سے میری دُعا ہے ([1])
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد
12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم: تفسير ٻڌڻ ۽ ٻڌائڻ جو حلقو
پيارا اسلامي ڀائرو! دل ۾ عشقِ رسول وڌائڻ، سنتن تي عمل ڪرڻ، نيڪ نمازي بڻجڻ، صحابه ۽ اهلِ بيت جي محبت حاصل ڪرڻ ۽ انهن جي نقشِ قدم تي هلڻ جو جذبو پيدا ڪرڻ لاءِ عاشقانِ رسول جي ديني تنظيم دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته ٿي وڃو! ذيلي حلقي جي 12 ديني ڪمن ۾ به خوب زور شور سان حصو وٺو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! دين ۽ دنيا
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami