Share this link via
Personality Websites!
481439
9616
معاف ڪرڻ جي فضيلتن متعلق حديثون
* پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صلَّی اللہُ علیہِ وَ آلِہٖ وَسلَّم فرمايو: طاقتور اُهو نه آهي جيڪو پهلوان هجي ۽ ٻئي کي دَسي ڪيرائي وِجهي، پر طاقتور اهو آهي جيڪو ڪاوڙ جي وقت پاڻ کي قابو ۾ رکي. ([1]) * الله پاڪ جي آخري نبي صلَّی اللہُ علیہِ وَ آلِہٖ وَسلَّم فرمايو: جنهن کي هيءَ ڳالهه پسند هجي ته اُن جي لاءِ جنت ۾ محل تعمير ڪيو وڃي ۽ سندس درجا بلند ڪيا وڃن، ته ان کي گهرجي ته جيڪو مٿس ظلم ڪري هِي ان کي معاف ڪري ڇڏي، جيڪو کيس محروم ڪري، هِي ان کي عطا ڪري ۽ جيڪو کانئس تَعَلُّق ٽوڙي، هِي ان سان ناتو جوڙي. ([2])
* حضرت موسيٰ عليه السَّلام عرض ڪيو: اي منهنجا ربّ! تنهنجي ٻانهن مان تنهنجي بارگاھ ۾ سڀ کان وڌيڪ عزت وارو ڪير آهي؟ الله پاڪ ارشاد فرمايو: اُهو ٻانهو جيڪو بدلو وٺڻ جي طاقت هئڻ باوجود معاف ڪري ڇڏي. ([3]) * هڪ حديث پاڪ ۾ آهي ته: قيامت جي ڏينهن الله پاڪ مخلوق کي جمع فرمائيندو ۽ هي اعلان ڪيو ويندوته: فضيلت وارا ڪٿي آهن؟ ڪجهه ماڻهو اٿندا ۽ تڪڙا تڪڙا هلندا جنت ڏانهن روانا ٿي ويندا، جڏهن انهن جي ملاقات ملائڪن سان ٿيندي ته ملائڪ کين چوندا: اسان ڏسي رهيا آهيون ته اوهان تڪڙا تڪڙا جنت ڏانهن وڃي رهيا آهيو، اوهان ڪير آهيو؟ اهي چوندا: اسان فضيلت وارا آهيون. ملائڪ چوندا: اوهان جي ڪهڙي فضيلت آهي؟ اهي چوندا: جڏهن اسان تي ظلم ڪيو ويو ته اسان صبر ڪيو، جڏهن اسان سان برائي ڪئي وئي ته اسان معاف ڪري ڇڏيو ۽ جڏهن اسان سان جهالت وارو سلوڪ ڪيو ويو ته اسان برداشت کان ڪم ورتو.([4])
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami