Share this link via
Personality Websites!
481438
9616
سُبْحٰنَ اللہ! معلوم ٿيو ته ڪو ڪيتري به تڪليف پهچائي، ڪيتري به زيادتي ڪري، اسان جي حق ۾ بهتر اِهو آهي ۽ فضيلت به ان ۾ ئي آهي ته اسان ان کي معاف ڪري ڇڏيون.
پيارا اسلامي ڀائرو! بيان جي آخر ۾ پياري محبوب آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صلَّی اللہُ علیہِ وَ آلِہٖ وَسلَّم جي هڪ پياري نصيحت ٻڌو! هيءَ نصيحت منهنجي لاءِ به آهي، اوهان جي لاءِ به آهي، زيد، عَمرو، بڪر وغيره سڀني جي لاءِ آهي. ٻنهي جهانن جي سردار، مڪي مدني تاجدار صلَّی اللہُ علیہِ وَ آلِہٖ وَسلَّم ارشاد فرمايو: ڇا توهان ابو ضمضم جيان نه ٿا ٿي سگهو؟ صحابه ڪرام رَضِیَ اللہُ عنہم عرض ڪيو: ابو ضمضم ڪير آهي؟ پاڻ صلَّی اللہُ علیہِ وَ آلِہٖ وَسلَّم فرمايائون: اوهان کان اڳين ماڻهن مان هڪ شخص هو، جڏهن صبح ٿيندو هو ته هُو هينئن چوندو هو: اي الله پاڪ! اڄوڪي ڏينهن مون پنهنجي عزت ان شخص تي صدقو ڪري ڇڏي (يعني ان کي معاف ڪري ڇڏيو) جيڪو مون تي ظلم ڪري. ([1])
ڪيڏي نه پياري نصيحت آهي! اسان به پنهنجو اِهو معمول بڻائي ڇڏيون * روزانو پنهنجي عزت، پنهنجو وقار، پنهنجي حيثيت جو رعب، پنهنجي عهدي ۽ منصب جي ڌاڪ وغيرهه وغيرهه، جهڙيون شيون جيڪي اسان کي بي صبري ۽ ڪاوڙ تي اُڀارينديون آهن، انهن سڀني کي قربان ڪري ڇڏيون* روزانو هيءَ نيت ڪريون ته ياالله پاڪ! اڄ جيڪو به مون کي ستائيندو، مون ان کي اڳواٽ ئي معاف ڪري ڇڏيو* اڄ جيڪو به مون تي آڱر کڻندو، مون ان کي معاف ڪري ڇڏيو* جيڪو به اڄ مون کي طعنو ڏيندو، مون ان کي معاف ڪري ڇڏيو* جيڪو به اڄ مون کي تڪليف پهچائيندو* مون کي گهُوريندو* مون کي گار ڏيندو* مون تي چَٿرون ڪندو، اي الله پاڪ! تنهنجي رضا خاطر مون سڀني کي اڳواٽ ئي معاف ڪري ڇڏيو.
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami