Share this link via
Personality Websites!
481437
9616
آخر ڪيسيتائين برداشت ڪندا رهون...؟
پيارا اسلامي ڀائرو! اڄڪلهه جڏهن اسان وٽ حِلم (يعني بردباري) ۽ معاف ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي ويندي آهي ته ماڻهو چوندا آهن: توهان مون کي ئي صبر ڪرڻ لاءِ چئي رهيا آهيو، مون کي ئي معاف ڪرڻ لاءِ چئي رهيا آهيو، سامهون واري کي به ته ڏسو...!! هُن مون سان هِي ڪيو، مون سان هُو ڪيو، مون کي هيتريون تڪليفون ڏنائين...!! آخرڪار ماڻهو صبر ڪري به ته ڪيترو ڪري؟ ڪيسيتائين ڪري؟ ماڻهو برداشت ڪري به ته ڪيترو ڪري؟
جيڪي ماڻهو اهڙيون ڳالهيون ڪندا آهن، انهن کان سوال آهي ته: * ڇا اوهان کي ڪنهن کوهه ۾ اڇلايو آهي؟ * ڇا اوهان کي غلام بڻائي بازار ۾ وڪرو ڪيو ويو آهي؟ * ڇا ڪنهن جي ڪري اوهان کي بيگناهه سالن جا سال جيل ۾ رهڻو پيو آهي؟ * ڇا ڪنهن جي ڪري اوهان کي پنهنجي والدين کان 30 سالن تائين جدا رهڻو پيو آهي؟ الله پاڪ جي نبي حضرت يوسف عليه السَّلام سان اِهو سڀ ڪجهه ٿيو * انهن کي کوهه ۾ به اڇلايو ويو * پاڻ آقا هئا، پر کين غلام بڻائي وڪرو به ڪيو ويو * پاڻ بيگناهه هوندي به جيل ۾ رهيا * پنهنجي والد محترم سان شديد محبت هجڻ باوجود 30 سال انهن کان جدا به رهيا، ايترو سڀ ڪجهه ٿيڻ جي باوجود به آخر ۾ توهان کي خبر آهي ته سندن زبان مبارڪ تي ڪهڙا الفاظ هئا؟ سندن ڀائر جڏهن شرمساريءَ وِچان انهن جي سامهون حاضر ٿيا ته اهي ڊڄي رهيا هئا ته خبر ناهي اڄ اسان سان ڪهڙو سلوڪ ڪيو ويندو. حضرت يوسف عليه السَّلام نهايت اطمينان سان فرمايو:
لَا تَثْرِیْبَ عَلَیْكُمُ الْیَوْمَؕ-(سيپارو: 13، سورة يوسف: 92)
ترجموڪنزالعرفان: اڄ اوهان تي ڪا ملامت نه آهي.
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami