Share this link via
Personality Websites!
481419
9616
حديث پاڪ ۾ آهي: اِنَّمَا الْاَعْمَالُ بِالنِّیَّات عملن جو دارومدار نيتن تي آهي.([1])
اي عاشقانِ رسول! سٺين سٺين نيتن سان عمل جو ثواب وڌي ويندو آهي، اچو ته بيان ٻڌڻ کان پهريان سٺيون سٺيون نيتون ڪري وٺون ٿا. نيت ڪيو ته ! * الله جي رضا جي لاءِ بيان ٻڌندس * بااَدَب ويهندس* خوب توجهه سان بيان ٻڌندس * جيڪو ٻڌندس ان کي ياد رکڻ، پاڻ عمل ڪرڻ ۽ ٻين تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪندس.
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد
گارين جو بلڪل به جواب نه ڏنائون
حضرت اَحنف بن قَيس رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه تابعي بزرگ آهن،يعني اُهي خوشنصيب هستي آهن، جن صحابه ڪرام رَضِیَ اللہُ عنہم جي صحبت جو فيض حاصل ڪيو آهي. هڪ ڀيري پاڻ ڪٿان گذري رهيا هئا ته ڪنهن شخص کين گار ڏني.
اسان وٽ ته هڪ گار جي جواب ۾ جيسيتائين ڏَهه گاريون نه ڏنيون وڃن، تيسيتائين ماڻهن کي سڪون ئي نه ملندو آهي، پر هي تابعي بزرگ هئا، نيڪ شخص هئا، ڪنهن گار ڏني پاڻ ان ڏانهن ڌيان ئي نه ڏنائون ۽ پنهنجي راهه هلندا رهيا. گار ڏيڻ وارو شخص به سندن پٺيان پٺيان هلڻ لڳو، پاڻ اڳيان اڳيان هلي رهيا هئا ۽ هُو گاريون ڏيندو سندن پٺيان پٺيان هلي رهيو هو، پاڻ سندس گاريون ٻڌندا رهيا ۽ خاموشيءَ سان هلندا رهيا. جڏهن پنهنجي قبيلي جي ويجهو پهتا ته رڪجي ويا ۽ ان شخص ڏانهن منهن ڪري فرمايائون: جيڪڏهن تنهنجي دل ۾ اڃان ڪجهه باقي آهي ته هتي ئي چئي ڇڏ، ڇو ته منهنجي قبيلي وارا جيڪڏهن تنهنجون ڳالهيون ٻڌندا ته انديشو
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami