Share this link via
Personality Websites!
481434
9616
يَا اَهْلَ مَكَّةَ مَاذَا تَرَوْنَ اِنِّىْ فَاعِلٌ بِكُمْ
ترجمو: اي مڪي وارؤ! توهان جو ڇا خيال آهي، مان توهان سان ڪهڙو سلوڪ ڪرڻ وارو آهيان؟
اللہُ اکبر! محبوب صلَّی اللہُ علیہِ وَ آلِہٖ وَسلَّم جو شان ئي نرالو آهي! سامهون جاني دشمن آهن، غير مسلم آهن. هي مقدس جملو ٻڌي گذريل 22 سالن جا ظلم ۽ ستم جا واقعا سندن ذهنن تي تَرِي آيا هوندا. سوچي رهيا هوندا ته اسان ته هنن سان تمام گهڻا ظلم ڪيا آهن، پر ان جي باوجود:
تیرے دامن میں چھپے چور انوکھا تیرا
انهن جاني دشمنن جي ذهنن ۾ محبوب صلَّی اللہُ علیہِ وَ آلِہٖ وَسلَّم جي اخلاق جي باري ۾ ڪهڙي راءِ هئي، ٻڌو! سڀني مڪي وارن گڏجي هڪ آواز ٿي چيو:
خَیْرًا اَخٌ کَرِیْمٌ وَابْنُ اَخٍ کَرِیْم
يعني اي محمد صلَّی اللہُ علیہِ وَ آلِہٖ وَسلَّم! اسان اوهان جي طرفان ڀلائيءَ جي ئي اميد رکون ٿا. اوهان پاڻ به مهربان آهيو ۽ مهربان ڀاءُ جا پٽ آهيو.
ان تي پياري آقا صلَّی اللہُ علیہِ وَ آلِہٖ وَسلَّم فرمايو: مان توهان کي اهو ئي چوندس جيڪو منهنجي ڀاءَ يوسف عَلَيۡهِ السَّلَام(پنهنجي ڀائرن کي) چيو هو ته[1]:
لَا تَثْرِیْبَ عَلَیْكُمُ الْیَوْمَؕ-یَغْفِرُ اللّٰهُ لَكُمْ٘- وَ هُوَ اَرْحَمُ الرّٰحِمِیْنَ(۹۲) (سيپارو: 13، سورة يوسف: 92)
ترجموڪنزالعرفان: اڄ توهان تي ڪا ملامت نه آهي، الله توهان کي معاف ڪري ۽ اهو سمورن مهربانن کان وڌيڪ مهربان آهي.
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami