Share this link via
Personality Websites!
481430
9616
اوهان به توري تڪي کيس ايتري ئي تڪليف پهچايو! ان کان وڌيڪ تڪليف نه ٿا پهچائي سگهو.
پيارا اسلامي ڀائرو! ڏسو ته ڪيتري نه پياري تعليم آهي. ٻنهي پاسن کي برابر رکيو ويو آهي* ائين به ناهي ته ظلم ڪرڻ وارا آزاديءَ سان گهمندا وتن ۽ جنهن کي وڻي تڪليف پهچائيندا رهن. انهن جي روڪٿام لاءِ قانون بيان فرمايو ويو ته جيڪو ظلم ڪندو ۽ زيادتي ڪندو، ان کي سندس ظلم جي برابر سزا ڏني ويندي. (پر ياد رکو! اها سزا اسان پاڻ نه ٿا ڏئي سگهون، بلڪه مقرر ڪيل قاضي سزا ٻڌائيندو ۽ انتظاميه ان سزا تي عمل ڪرائيندي.)
* ٻئي طرف اعليٰ اخلاقي تعليم به ڏني وئي آهي ته جيتوڻيڪ بدلو وٺڻ اوهان جو حق آهي، پر جيڪڏهن اوهان وڏيءَ دل جو مظاهرو ڪري معاف ڪري ڇڏيو ته اِهو اوهان جي حق ۾ وڌيڪ بهتر آهي.
پيارا اسلامي ڀائرو! واقعي ڳالهه سمجهڻ جي آهي. اسان جيڪي عام انسان آهيون، اسان ڪڏهن ڪڏهن جذباتي به ٿي ويندا آهيون ته ان وقت جذبات ۾ پاڻ تي ضابطو نه رکي سگهندا آهيون، اهڙي وقت جيڪڏهن بدلو وٺڻ تي اچون ته ان ڳالهه جو تمام گهڻو امڪان آهي ته سامهون واري سان ڪيترن ئي قسمن جون زيادتيون ڪري ويهون، ان ۾ سخت خطرو آهي. مثال طور: سامهون واري اسان کي ڪا هڪ خراب ڳالهه چئي، اسان بدلي ۾ کيس چار ڳالهيون ٻڌائي ڇڏيون ته جيڪي ٽي وڌيڪ ڳالهيون ٻڌايون، انهن جو بار اسان جي مٿان اچي ويندو، اهڙي طرح اسان، جيڪي اڳ ۾ مظلوم هئاسين، هاڻي ظالم بڻجي وينداسين. تنهنڪري ڀلائيءَ جو رستو اهو ئي آهي ته معاف ڪري ڇڏيون ۽ جنت جو حقدار بڻجڻ جي ڪوشش ڪندا رهون.
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami