Share this link via
Personality Websites!
481429
9616
سامهون واري شخص صرف اکيون ڏيکاريون هيون، هي صاحب چماٽ هڻي ڇڏيندا آهن * سامهون واري صرف هلڪو هٿ لڳايو هو، هي صاحب مُڪُن ۽ چماٽن جو مينهن وسائي ڇڏيندا آهن * سامهون واري هڪ ڀيرو غلطي ڪئي هئي، هڪ ڀيرو تڪليف پهچائي هئي، پر هي صاحب انهن کي بار بار ذليل ڪندا آهن، ڳالهه ڳالهه تي کيس تڪليف پهچائيندا آهن* پر هاڻي ته ماڻهو ايترا جذباتي ٿي ويا آهن جو معاشري ۾ گهُمندي ڦرندي به ڊپ محسوس ٿيندو آهي، اهڙا ڪيسَ (Cases) به رڪارڊ تي موجود آهن، جو ڪنهن کان غلطيءَ سان ڌِڪو لڳي ويو ته ان صاحب پستول ڪڍي ورتو ۽ ڌڙا ڌڙ فائرنگ شروع ڪري ڏني. هِي اسان جي معاشري جا حالات آهن. توهان قرآن ڪريم جي تعليم ڏسو! اسان کي سيکاريو ويو؛ جيڪڏهن بدلو وٺڻو ئي آهي ته توري تڪي وٺڻو پوندو. جيتري تڪليف سامهون واري پهچائي آهي، توهان به بلڪل ايتري ئي تڪليف پهچائي سگهو ٿا.
هڪ مقام تي الله پاڪ فرمايو:
وَ اِنْ عَاقَبْتُمْ فَعَاقِبُوْا بِمِثْلِ مَا عُوْقِبْتُمْ بِهٖؕ-وَ لَىٕنْ صَبَرْتُمْ لَهُوَ خَیْرٌ لِّلصّٰبِرِیْنَ(۱۲۶)
(پارو: 14، سورة نحل: 126)
ترجموڪنزالعرفان: ۽ جيڪڏهن توهان (ڪنهن کي) سزا ڏيڻ لڳو ته اهڙي ئي سزا ڏيو جهڙي توهان کي تڪليف پهچائي وئي هجي ۽ جيڪڏهن توهان صبر ڪيو ته بيشڪ صبر وارن لاءِ صبر سڀ کان سٺو آهي.
هن آيت ۾ ٻه ڳالهيون ارشاد ٿيون آهن: (1) بهترين ڳالهه ته اها آهي ته جيڪڏهن ڪو اوهان کي تڪليف پهچائي ته اوهان صبر ڪريو، بدلو وٺڻ جي ڳالهه ئي نه ڪريو! اِها بهترين ڳالهه آهي. (2) جيڪڏهن بدلو وٺڻو ئي آهي ته ان ۾ شرط هي آهي ته سامهون واري جيتري تڪليف پهچائي آهي،
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami